دهشتگردن کي پوري رياستي طاقت سان ڪچلڻ جو فيصلو

دهشتگردن کي پوري رياستي طاقت سان ڪچلڻ جو فيصلو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي سلامتي بابت پارلياماني ڪميٽي جو ان ڪيمرا اجلاس اسپيڪر قومي اسيمبلي اياز صادق جي صدارت هيٺ ٿيو جنهن ۾ اتفاق راءِ سان دهشتگردي کي طاقت سان ڪچلڻ جو فيصلو ڪيو ويو. سياسي ۽ فوجي قيادت اتفاق راءِ سان دهشتگردن خلاف پوري رياستي طاقت استعمال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. بلاول ڀٽو زرداري ۽ مولانا فضل الرحمان به اجلاس ۾ شريڪ ٿيا ۽ اتفاق راءِ سان گڏيل پڌرناومون به منظور ڪيو ويو. جيڪو وزيراعظم شهباز شريف اجلاس کي پڙهي ٻڌايو. جنهن ۾ چيو ويو آهي ته دهشتگردن جو نيٽ ورڪ ختم ڪرڻ لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪئي ويندي ۽ سمورا وسيلا استعمال ڪيا ويندا. پڌرنامي ۾ چيو ويو ته ڪميٽي قومي سلامتي جي موجوده صورتحال ۽ دهشتگردي جي تازي لهر تي تفصيلي غور ويچار ڪيو. افغانستان ۾ شدت پسند دهشتگرد تنظيمون سان هر قسم جي همدردي جي اظهار جي سخت مذمت ڪئي وئي. دهشتگردي جي چئلينجن تي قابو پائڻ لاءِ قومي ۽ ضروري قانون لاڳو ڪرڻ ۽ ادارن جي مڪمل حمايت تي زور ڏنو ويو. پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته دهشتگردن جي سهولتڪارن جو خاتمو ممڪن بڻائڻ لاءِ هڪ گڏيل ۽ منظم حڪمت عملي اختيار ڪرڻي پوندي. دهشتگردي جي حمايت ڪندڙ ڪنهن به گروهه جي خلاف مؤثر ڪارروائي ڪئي ويندي. ڪميٽي سوشل ميڊيا تي دهشتگردي جي بيانئي کي وڌائڻ وارن خلاف سخت ڪارروائي جي سفارش ڪئي. پڌرنامي موجب، ڪميٽي چيو ته پاڪستاني ادارن کي قانون لاڳو ڪرڻ ۽ قومي سلامتي جي معاملن ۾ مڪمل آزادي حاصل هجڻ گهرجي. ڪميٽي زور ڏنو ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ سڀئي ضروري قدم کنيا وڃن. ڪميٽي اها به صلاح ڏني ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪارڪردگي کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ وسيلا فراهم ڪيا وڃن. ڪميٽي ڪجهه مخالف ڌر جي ميمبرن جي عدم شرڪت تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته مشاورت جو عمل جاري رهندو. پڌرنامي موجب، پارلياماني ڪميٽي جو چوڻ آهي ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ ڪنهن به اداري، فرد يا گروهه کي ڪمزوري نه ڏيکارڻ گهرجي، هڪ مضبوط ۽ منظم حڪمت عملي تحت قومي سلامتي کي يقيني بڻايو وڃي. ذريعن موجب، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر آرمي چيف سيد عاصم منير سان ملاقات جي آخر ۾ دعا جي درخواست ڪئي. آرمي چيف دهشتگردي خلاف جنگ ۾ ڪاميابي لاءِ دعا گهري. اجلاس ۾ اپوزيشن جي، پي ٽي آءِ ۽ محمود خان اچڪزئي اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. سردار اختر مينگل کي دعوت ڏني وئي پر هو به شريڪ نه ٿيو. اجلاس ۾ ڪي پي ڪي جو وڏو وزير علي امين گنڊاپور شريڪ ٿيو. هوڏانهن پي ٽي آءِ جي سيڪريٽري جنرل سلمان اڪرم راجا چيو آهي ته اسان هن اجلاس ۾ حصو وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، اسان اهو فيصلو ڪالهه سياسي ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪيو.  سلمان اڪرم راجا واضح ڪيو ته اسان هن وقت ڪنهن به آپريشن جي حق ۾ نه آهيون، اسان 77 سالن کان انهن حالتن کي برداشت ڪري رهيا آهيون ۽ انهن حالتن جي حق ۾ نه آهيون، اسان جو مطالبو آهي ته عمران خان کي پيرول تي آزاد ڪيو وڃي، اسان کي هن ملڪ کي ٺيڪ ڪرڻو آهي ۽ فاشزم کي ختم ڪرڻو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو