لاهور (ويب ڊيسڪ)ڪمن ويلٿ گيمز 2022 بابت قومي ريسلنگ ٽيم جي ريسلر انعام بٽ جو چوڻ آهي ته هو برمنگهم ۾ سائي رنگ جو جهنڊو بلند ڪرڻ لاءِ ساڳي عزم سان وڃي رهيو آهي.ڪمن ويلٿ گيمز جي تيارين لاءِ پاڪستاني ريسلنگ ٽيم جو ڪيمپ جاري آهي.ريسلر انعام بٽ پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ڪمن ويلٿ گيمز ۾ مقابلو تمام سخت هوندو آهي، ڪو به آسان ریسلر ان راند ۾ حصو نه وٺندو آهي. ريسلر طيب رضا جو چوڻ آهي ته ايئرڪنڊيشن هال جي سهولت موجود آهي جنهن مان فائدو ورتو پيو وڃي جڏهن ته فريد علي چيو آهي ته هو هن سيزن ۾ ریسلرز جي صحتيابي ۽ فٽنيس جو خاص خيال رکندا آهن.










