قومي اڳواڻن جي بازيابيءَ لاءِ ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاج

نواب شاھ /مورو (اي ڪي ڏاھري/ اياز سولنگي) جسقم پاران مرڪزي پريس سيڪريٽري ديدار شام، فتاح چنو، محسن سهرياڻي، رفيق ميراڻي، صدام نصيراڻي، مسعود شاه ۽ ٻين جي گمشدگي خلاف سرفراز ميمڻ، علي انور چانڊيو، ضلعي صدر علي رضا خاصخيلي، گل ڏاهري، منير ابڙو، فقير امتياز لاکو، فرمان ملاح، عرفان ابڙو، الطاف رستماڻي، سجاد ملاح، ارشد جمالي، محب خاصخيلي، مشرف خاصخيلي، حسين لغاري ۽ ٻين جي اڳواڻي م وات تي ڪاريون پٽيون ٻڌي پريس ڪلب سامھون احتجاج ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته پرامن مٿئين سياسي اڳواڻن کي بي گناه کنڀڻ واري ڪڌي عمل جي مذمت ڪريون ٿا ، سنڌ سان عشق ڪرڻ ۽ سنڌ جي حفاظت ڪرڻ جي ڏوه م قومي تحريڪ جي مٿان آپريشن ڪيو پيو وڃي اهڙي غير اخلاقي، غير سياسي، غير جمهوري ۽ غيرقانوني عمل جو دنيا جي مهذب ملڪن کي نوٽيس وٺڻ گهرجي.

ٻئي طرف مورو ۾ جيئي سنڌ تحريڪ پاران جست جي مرڪزي اڳواڻ عبدالفتاح چنه ۽ عبدالهادي بڙدي کي ڪوٽڙي مان کنڀي گم ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري بک هڙتال ڪئي وئي ,جنهن جي اڳواڻي ابرار ميمڻ، دانش ميمڻ، وحيد سولنگي،پريم سنڌي، وقار ڪلهوڙو، سجاد سولنگي ڪري رهيا هئا جن جو چوڻ هو ته جست اڳواڻ عبدالفتاح چنه ۽ عبدالهادي بڙدي کي بنا جواز رياستي ادارن کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي جنهن جي اسان سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا. هنن مطالبو ڪيو ته قومي تحريڪ جي سمورن ڪارڪنن کي آزاد ڪيو وڃي. ان موقعي تي ايس يو پي جي سردار احمد ٻرڙو، جسقم آريسر جي شاهنواز ڀٽي، ڀيرو مل اداسي، پ پ ش ڀ جي حاجي خان سمون ۽ ٻين پڻ حمايت ۾ مظاهري ۾ شرڪت ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو