اسلام آباد (بيورو) قومي اسيمبلي ۾ جي ڊي اي جي ميمبر فهميده مرزا کي مائڪ نه ڏيڻ تي سخت احتجاج ڪندي چيو ته قورم پورو نه آهي مان قورم جي نشاندهي نٿي ڪرڻ چاهيان پر مون کي ڪجهه نقطن تي اعتراض آهي ان تي ڳالهائينديس جمعي تي قومي اسيمبلي ۾ فهميده مرزا چيو ته مون کي گذريل ڏينهن به ٽائيم نه ڏنو ويو ڊپٽي اسپيڪر چيو ته ڇا توهان کي قورم جي نشاندهي ڪرڻي آهي فهميده مرزا چيو ته مان قورم جي نشاندهي نٿي ڪرڻ چاهيان پر قورم پورو به نه آهي پر مون کي ڪجهه نقطن تي ڳالهائڻ ڏيو فهيمده مرزا چيو ته روس سان ڀارت سميت دنيا گئس خريد ڪري رهي آهي پاڪستان اڃا تائين روس کان ڇو نٿو گئس خريد ڪري مصدق ملڪ چيو ته بين الاقوامي پابنديون روس تي لڳي رهيون آهن روس سان ڪوبه معاهدو ڪرڻ کان اڳ ڏسڻو پوندو ته پابندين جو پاڪستان تي ڪهڙو اثر پوندو. ان معاملي تي قانوني ماهرن جي راءِ کان پوءِ حتمي جواب ڏئي سگهجي ٿو مملڪتي وزير چيو ته روس سان سستي تيل ۽ گئس جو اڃا تائين ڪوئي معاهدو سامهون نه آيو آهي. پي ايس او جو هڪ ليٽر ضرور سامهون آيو آهي هن چيو ته روس سان ڪهڙو معاهدو ٿيو هو يا نه ان تي نئون سوال پڇيو وڃي ته تفصيل پيش ڪندس. هن چيو ته توانائي جي مسئلي تي روس ۽ ايران سان معاملا اڳتي وڌائڻ تي ڪابينه ۾ جلد غور ڪنداسين.










