قومي اسيمبلي جو اسپيڪر احمقانه رويو بند ڪري: شيرين مزاري

قومي اسيمبلي جو اسپيڪر احمقانه رويو بند ڪري: شيرين مزاري

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي سينيئر نائب صدر شيرين مزاري چيو آهي ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي فوري طور تي اهڙو احمقانه رويو ختم ڪرڻ گهرجي.شيرين مزاري پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي لکيو آهي ته استعيفيٰ منظور ڪرڻ راجا پرويز اشرف جو عمل واضح آهي.هن لکيو ته جن 11 ميمبرن جون استعيفائون اسپيڪر منظور ڪيون اهي ڪڏهن به استعيفيٰ جي تصديق لاءِ اسپيڪر وٽ نه ويا.شيرين مزاري وڌيڪ لکيو ته 11 اپريل کان استعيفيٰ ڏيندڙ پي ٽي آءِ ميمبرن کي ڪا به پگهار نه ڏني وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو