اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسمبلي ۾ قانون سازي بابت اربع تي حڪومتي بل منظور ٿيڻ بعد اجلاس جي ڪاروائي اڻ ڄاتل مدي تائين ملتوي ڪئي وئي. ان دوران حڪومت ۽ اپوزيشن ميمبرن ۾ گرما گرمي ۽ هل هنگامو به ٿيو، پرڏيهي کاتي جي وزير شاهه محمود قريشي پاران ڪجهه ميمبرن کي سياسي طور نابالغ قرار ڏيڻ تي اپوزيشن جي احتجاج بعد هن معذرت ڪندي لفظ واپس ورتا. قومي اسمبلي ۾ قانون سازي وقت جڏهن دهشتگردي ٽور قانون ۾ ترميم جو بل پيش ٿيو ته سردار اختر مينگل چيو ته دهشتگردي جي وضاحت ٿيڻ گهرجي، هڪ پاسي کڙڪي ٽوڙڻ واري کي دهشتگرد چيو وڃي ٿو پر آئين ٽوڙڻ واري کي ڇوٽ آهي، ان کي به دهشتگرد قرار ڏنو وڃي. هڪ موقعي تي شاهه محمود قريشي چيو ته مني لانڊرنگ هڪ وبا آهي، جنهن مان گهڻن ماڻهن فائدو ورتو آهي، هن چيو ته قومي اسيمبلي ۾ سياسي طور نابالغ ميمبر به موجود آهن، جنهن تي اپوزيشن هنگامو ڪيو پي پي اڳواڻ راجا پرويز اشرف جي مطالبي تي پرڏيهي وزير لفظ واپس وٺندي معذرت ڪئي. قريشي چيو ته مني لانڊرنگ جي قانون ۾ اپوزيشن جون هاڪاري ترميمون شامل ڪيون ويون آهن، عوام ڄاڻڻ چاهي ٿو ته نواز ليگ جي گاڏين ۾ پٿر ڪٿان آيا، لاهور ۾ نواز ليگ طرفان اسٽيج ڊرامو ڪيو ويو .اجلاس ۾ فروغ نسيم اينٽي ٽيرر اِزم، شراڪت داري، ڪمپنيز ۽ نشي آور شين جي روڪٿام وارن قانونن ۾ ترميم جا ڌار ڌار پيش ڪيل بل منظور ڪيا ويا. قانون واري وزير فروغ نسيم چيو ته سموري دُنيا ۾ ايف اي ٽي ايف ۽ مني لانڊرنگ جا قانون موجود آهن، ملڪ ۾ بُنيادي حقن جو خيال رکندي قانونسازي ڪريون پيا. هن چيو ته مذهب ۽ دهشتگردي ۾ فرق هجڻ گهرجي، اسلام ۽ دهشتگردي ۾ زمين آسمان جو فرق آهي، اسلام امن جو مذهب آهي.










