اپوزيشن ۽ حڪومت جو هل هنگامون، بجٽ اجلاس وري ملتوي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسپيڪر طرفان آصف زرداري، خواجه سعد رفيق ۽ پشتون تحفظ موومينٽ جي گرفتار ايم اين ايز جا پروڊڪشن آرڊر جاري نه ڪرڻ خلاف اپوزيشن ميمبرن سومر تي به اجلاس ۾ سخت احتجاج ڪندي هل هنگامو ڪيو. اسپيڪر بجٽ تي بحث لاءِ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف کي تقرير جي دعوت ڏني ته حڪومتي ڌر جا ميمبر ۽ وزير ڇتا ٿي پيا ۽ سندس تقرير دورن حڪومتي ميمبرن اپوزيشن جيترو ئي گوڙ ڪيو. اجلاس شروع ٿيندي ئي بلاول سميت پيپلز پارٽي وارن سيٽن تي اٿي بيهي احتجاج ڪيو. راجا پرويز اشرف اسپيڪر کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان پروڊڪشن آرڊر جاري نه ڪري ڌر بڻجي رهيا آهيو. اسپيڪر کيس چيو ته جڊيشل رمانڊ دوران ماضي ۾ پروڊڪشن آرڊر جاري ٿيندا رهيا آهن پر جسماني رمانڊ دوران پروڊڪشن آرڊر جاري ٿي سگهي ٿو يا نه، ان بابت قانوني مشاورت ڪريان پيو ۽ جلد فيصلو ڪبو، پر اپوزيشن سندس ڳالهه نه مڃي. جنهن دوران شهباز شريف کي بجٽ تقرير لاءِ اسپيڪر دعوت ڏني ته حڪومتي ميمبرن هنگامون ڪيو ۽ کيس ڳالهائڻ نه ڏنو ۽ اجلاس اڌ ڪلاڪ به بمشڪل هلڻ بعد حڪومتي ۽ اپوزيشن ميمبرن جي گوڙ سبب اڱاري جي شام تائين ڪاوڙ ۾ ملتوي ڪري ڇڏيو. شهباز شريف اپوزيشن کان وڌيڪ حڪومتي ميمبرن جي هل هنگامي دوران زرداري، سعد رفيق ۽ ٻين جي پروڊڪشن آرڊر جاري ڪرڻ جو مطالبو ڪيو، بجٽ تي هن تنقيد ڪئي پر شور سرابي سبب ڪنهن کي ڪجهه سمجه ۾ نه آيو. ياد رهي ته نئون مالي سال شروع ٿيڻ ۾ ٻه هفتا بچيا آهن پر اڃا بجٽ تي بحث ئي شروع ناهي ٿيو. ماضي جي روايت طور هن مهل تائين بجٽ منظور ٿيڻ گهرجي ها. موجوده حڪومت جي ناتجربيڪاري جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته گذريل هفتي جڏهن اپوزيشن ليڊر شهباز شريف بجٽ تي بحث شروع ڪرڻ لاءِ تقرير شروع ڪئي ته وزيراعظم جي موجودگي ۾ حڪومتي ڌر هنگامو ڪري کيس تقرير ڪرڻ نه ڏني ۽ فواد چوڌري جهڙن وزيرن اهو پئي چيو ته هنن وزير خزانه جي بجٽ تقرير مهل اپوزيشن جي ڪيل هل هنگامي جو بدلو چڪائي ڇڏيو. ماضي جي روايت موجب گهٽ ۾ گهٽ ٻه هفتا بجٽ تي بحث ٿيندو آهي، جنهن بعد گرانٽ ۽ سپليمينٽري گرانٽس منظور ٿينديون آهن، جن تي ڪٽ موشن ايندا آهن ۽ انهن تي وري بحث ٿيندو آهي ۽ هڪ ڊگهو قانوني، روايتي ۽ پارليماني طريقه ڪار آهي پر موجوده حڪومت بظاهر ان جي خلاف ورزي پئي ڪري. چند ميمبرن جي اڪثريت واري حڪومت کان اختر مينگل، فاٽا ڪجهه ٻيا ميمبر اڳ ۾ ئي ناراض آهن ۽ اپوزيشن جيڪڏهن پنهنجي موجودگي يقيني بڻائي ته وائس ووٽ ذريعي به حڪومت کي شڪست جو خطرو آهي. بلاول ڀٽو ۽ مريم نواز جي ملاقات ۾ بجٽ دوران حڪومت کي ٽف ٽائم ڏين تي اتفاق ڪيو ويو آهي ۽ اهڙي صورتحال ۾ حڪومت وٽ ماضي جو پارليماني طريقو ڇڏي حڪومت وٽ اپوزيشن کي بلڊوز ڪري آمراڻي۽ هڪ طرفي انداز ۾ بجٽ منظور ڪرائڻ کان سواءِ ڪو چارو ناهي.

پهنجو تبصرو موڪليو