قنڌار ۾ ڀارتي قونصل خانو بند، شهري انڊيا روانا

قنڌار ۾ ڀارتي قونصل خانو بند، شهري انڊيا روانا

ڪابل(ويب ڊيسڪ) افغانستان جي ٻي وڏي شهر قنڌار ۾ قائم ڀارتي قونصل خانو بند ڪيو ويو آهي ۽ عملي کي به واپس گهرايو ويوآهي. ڀارتي ميڊيا موجب پرڏيهي وزارت افغانستان ۾ سخت لڙائي جي ڪري قنڌار قونصل خاني جي ڀارتي عملي کي واپس گهرايو آهي، ميڊيا رپورٽس موجب افغان طالبان جي قنڌار جي طرف اڳڀرائي جاري آهي ۽ افغان حڪومت کي قنڌار جي طرف طالبان جو شديد دٻاءُ آهي، پرڏيهي خابرو اداري موجب افغان طالبان قنڌار جي مختلف چيڪ پوسٽن تي قبضو ڪري ڇڏيو آهي، صوبي ۾ افغان طالبان پهرين ئي وڏن علائقن تي ڪنٽرول سنڀالي چڪا آهن، ٻئي طرف ڀارتي پرڏيهي وزارت جي ترجمان ارندام باغچي جو چوڻ آهي ته عملي جي واپسي حالتن جي بهتري تائين هڪ وقتي قدم آهي، جڏهن ته قنڌار جو مقامي عملو ڪم ڪندو رهندو. ڀارت افغانستان ۾ ڪم ڪندڙ پنهنجي انجنيئرز کي وطن آڻڻ لاءِ سي ون ٿرٽي فوجي جهاز به موڪليو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو