ملتان (ويب ڊيسڪ) ملتان جي ماڊل ڪورٽ جي جج عرفان شفيع قنديل بلوچ قتل ڪيس ۾ سندس ڀاءُ وسيم کي عمر قيد ۽ مفتي قوي سميت ٻين سڀني ملزمن کي آزاد ڪري ڇڏيو آهي. عدالت گذريل ڏينهن محفوظ ڪيل پنهنجو فيصلو جمع تي ٻڌائي ڇڏيو. قنديل بلوچ جيڪا ماڊل ۽ ادڪار هئي، تنهن جا مفتق قوي سان رمضان ۾ ڪجهه سيلفيز وائرل ٿيون هيون جنهن بعد سندس ڀاءُ وسيم پنهنجي ٻئي ڀاءُ عارف، سوٽ حق نواز، اسلم شاهين ۽ ٻين جي مدد سان مبينه غيرت ۾ اچي 15 جولاءِ 2016 تي قتل ڪري ڇڏيو هو. ماڊل عدالت جولاءِ 2017 کان 26 سيپٽمبر 2019 تائين 152 پيشين دوران 35 شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ بعد فيصلو ٻڌايو. عدالت فيصلي ۾ چيو آهي ته ملزم وسيم اقبال جرم ڪيو آهي تنهن ڪري کيس عمر قيد جي سزا ڏني وڃي ٿي. فيصلو ٻڌائڻ وقت عدالت ۾ قنديل جا والدين ، ڪيس ۾ نامزد ملزم ڀائر، مفتي قوي ۽ ٻيا به موجود هئا. ياد رهي ته قنديل قتل ڪيس جي مک جوابدار سندس ڀائرن کي بچائڻ لاءِ سندن والدين خون معاف ڪرڻ بابت بيان حلفي داخل ڪيو هو جيڪو عدالت رد ڪيو هو. فيصلي بعد صحافين سان ڳالهائيندي مفتي قوي چيو ته اڄ انصاف ٿي ويو مونکي قنديل جي والد هرو ڀرون بدنام ڪرڻ لاءِ ڦاسايو هو. مفتي عبدالقوي جيڪو 2016 ۾ چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو ميمبر هو تنهن کي هٽايو ويو هو.










