قمبر ۽ نوشهرو ۾ پراڻي دشمني تان ڌار ڌار واقعن ۾ 2 قتل

قمبر ۽ نوشهرو ۾ پراڻي دشمني تان ڌار ڌار واقعن ۾ 2 قتل

قمبر/نوشهروفيروز (نمائندن وٽان) قمبر ۽ نوشهروفيروز ۾ فائرنگ جي واقعن ۾ 2 ڄڻا قتل ٿي ويا، هڪ زخمي، قمبر ويجهو پراڻي تڪرار تان نورنگ واهه وٽ فائرنگ ۾ڳوٺ غلام عباس مغيري واسي ارباب مغيري مارجي ويو، واقعي بعد هٿياربند فرار ٿي ويا، اطلاع تي پوليس ۽ مقتول جا وارث واقعي واري هنڌ پهچي ويا،  مقتول جي ڀاءُ چيو ته ڀاءُ کي پنهنجي ئي برادري جي ماڻھن پراڻي تڪرار تان قتل ڪيو آهي، جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي، ٻئي پاسي نوشهروفيروز  ۾عدالت ٻاھران فائرنگ ۾ ھڪ ڄڻو قتل ٿي ويو ۽ ھڪ زخمي ٿي پيو، فائرنگ ۾ ڳوٺ کنڊو واسي بلاول مري موقعي تي مارجي ويو، گوليون لڳڻ سبب ھڪ واٽھڙو زخمي ٿي پيو، فائرنگ بعد ماڻھن ۾ ڀاڄ پئجي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو