قمبراڻي ۽ مارفاڻي ڌرين ۾ خوني تڪرار 3 ڄڻا قتل

قمبراڻي ۽ مارفاڻي ڌرين ۾ خوني تڪرار 3 ڄڻا قتل

ڳڙهي ياسين(شفيق مهر)ڳڙهي ياسين ۾ قبائلي دهشتگردي تيز ، قمبراڻي ، مارفاڻي برادرين ۾ هلندڙ تڪرار تان قمبراڻي برادري جي هٿياربندن جو ڳوٺ سالارو مارفاڻي تي حملو ، فائرنگ ، مارفاڻي برادري جي جوابي فائرنگ ۾ قمبراڻي برادري جا 3 نوجوان مارجي ويا ، لاش ڪيترائي ڪلاڪ واقعي واري هنڌ پيل ، ڌرين ۾ فائرنگ ، علائقي ۾ خوف هراس ڇانيل ، خبر موجب ڏيول قمبراڻي ۽ حاجي محمد نواز مارفاڻي جي ڌرين ۾ هلندڙ خوني تڪرار تان قمبراڻي برادري جي هٿياربندن جو ڳوٺ سالارو مارفاڻي تي چڙهائي ، فائرنگ ، مارفاڻي برادري جي جوابي فائرنگ ۾ قمبراڻي برادري جا 3 ڄڻا ، نبي بخش قمبراڻي ، روهلو قمبراڻي  ۽ محمد صادق قمبراڻي مارجي ويا ، مارجي ويل جا لاش ڪيترائي ڪلاڪ واقعي واري هنڌ پيل ، اطلاع باوجود پوليس نه پهتي ، ڌريون مورچابند بڻيل ، هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي حاجي محمد نواز مارفاڻي چيو ته قمبراڻي ڌر جي ماڻهن 10 ڏينهن اڳ اسان جا 2 نوجوان قتل ڪيا هئا ، جڏهن ته هڪ ڀيرو ٻيهر اسان جي ڳوٺ تي حملو ڪري فائرنگ ڪئي ، جوابي فائرنگ ۾ قمبراڻي برادري جا 3 ڄڻا مارجي ويا آهن ، هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ڏيول خان قمبراڻي چيو ته اسان جا ماڻهو رستي سان وڃي رهيا هئا ته مارفاڻي ڌر جي هٿياربندن حملو ڪري اسان جا 3 نوجوان قتل ڪري ڇڏيا آهن ، هوڏانهن دلاور مارفاڻي ٿاڻي جي پوليس ٻڌايو ته جهيڙي جا اطلاع مليا آهن پوليس نفري گهٽ هجڻ سبب واقعي واري هنڌ وڃڻ ۾ ڏکيائي ٿي رهي آهي ، پوليس جي اعلي عملدارن کي اطلاع ڏنو آهي نفري پهچڻ بعد واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي ڳڙهي ياسين اسپتال آندا هوڏانهن ٻڌايو پيو وڃي ته قمبراڻي مارفاڻي ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار ۾ 138 کان وڌيڪ انساني جانيون ضايع ٿي چڪيون آهن

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو