لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف لاهور جي اليڪشن ڪميشن ۾ آرٽيڪل 144 تي عملدرآمد کي چئلينج ڪري ڇڏيو آهي.پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي هدايت تي لاهور ۾ قلم 144 لاڳو ڪرڻ خلاف اليڪشن ڪميشن ۾ درخواست جمع ڪرائي وئي.درخواست ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن قلم 144 تي عملدرآمد ختم ڪري، لاهور ۾ تحريڪ انصاف جي جلسي تي قلم 144 جو نفاذ غير قانوني آهي.درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته پنجاب حڪومت پي ايس ايل ميچ کي جواز بڻائي ريلي روڪڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، جڏهن ته تحريڪ انصاف جي ريلي ۽ پي ايس ايل جي ميچ جو روٽ مختلف آهي، ان ڪري پي ايس ايل جي 7 وڳي ميچ شروع ٿيندي. درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته هن کان اڳ ڪنهن به شهر ۾ پي ايس ايل جي ميچ دوران آرٽيڪل 144 تي عمل ناهي ڪيو ويو، چونڊ مهم تحريڪ انصاف جو آئيني حق آهي، پنجاب حڪومت غير قانوني طور تحريڪ انصاف جي چونڊ مهم کي روڪي رهي آهي.










