نواز شريف لنڊن پهچي ويو، هارلي اسٽريٽ ۾ اڄ چيڪ اپ ٿيندو

نواز شريف لنڊن پهچي ويو، هارلي اسٽريٽ ۾ اڄ چيڪ اپ ٿيندو

لاهور (ويب ڊيسڪ) اڳوڻو وزيراعظم ميان نواز شريف عدالتي حڪم تي حڪومت پاران هڪ ڀيرو پرڏيهه وڃڻ جي 4 هفتن جي اجازت بعد لاهور کان لنڊن پهچي ويو آهي. جتي هارلي اسٽريٽ ڪلينڪ ۾ چيڪ اپ ڪرائيندو. ڪالهه صبح آٰءِ سي يو ۽ آپريشن ٿيٽر جي سهولت واري ايئر ايمبولينس قطر کان پاڪستان پهتي هئي. ميان شهباز شريف ۽ نواز شريف جو ذاتي معالج ڊاڪٽر عدنان ۽ ٻيا هن سان گڏ ويا آهن. جڏهن تي قطري ميڊيڪل ٽيم به جهاز ۾ موجود هئي. هو لاهور مان دوحه ويو جتان لنڊن ويو. ساڍي 10 هين وڳي ايئر ايمبولينس لاهور جي هوائي اڏي تان رواني ٿي، مريم اورنگزيب موجب جاتي امرا مان روانگي کان اڳ ڊاڪٽرن نواز شريف جو طبي معائنو ڪيو ويو. مسلم ليگ جي ڪارڪنن کي هوائي اڏي تي اچڻ کان روڪيو ويو هو پر خواجا آصف، احسن اقبال، پروز رشيد، خرم دستگير، امير مقام ۽ ٻيا ايئر پورٽ پهچي ويا آهن. ميان شهباز شريف ماڊل ٽائون مان ايئرپورٽ پهتو. نواز شريف کي لنڊن تائين پهچائڻ لاءِ اسٽيرائڊز جو هاءِ ڊوز ڏنو ويو آهي جيئن سفر دوران کيس ڪا پريشاني نه ٿئي. ياد رهي ته کيس العزيزيه اسٽيل ملز ڪيس ۾ 7 سال قيد ۽ 7 ارب روپين کان وڌيڪ ڏنڊ جي سزا ڏني وئي هئي. جنهن بعد چوڌري شگر ملز ڪيس ۾ نيب کيس گرفتار ڪيو هو ۽ جاچ جاري هئي ته سندس طبيعت بگڙجي وئي هئي جنهن بعد حڪومت ڪوٽ لکپت جيل مان لاهور جي سروسز اسپتال منتقل ڪيو هو. جتي 6 رڪني ميڊيڪل بورڊ جي نگراني ۾ سندس علاج هلندڙ هو. لاهور هاءِ ڪورٽ چوڌري شگر ملز ڪيس ۾ سندس طبي بنياد تي ضمانت منظور ڪئي هئي جڏهن ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ العزيزيه ڪيس ۾ مليل سزا معطل ڪندي ضمانت منظور ڪئي. جنهن بعد وفاقي حڪومت کيس چيو ته العزيزيه ڪيس ۾ وڌل ڏنڊ جي برابر رقم بابت بانڊ جمع ڪرايو. جيڪو هن نه ڪرايو ۽ شهباز شريف لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ڪيو جتي 50 روپين جي اسٽام تي هن عدالت کي لکت ۾ خاطري ڏني ته نواز شريف صحتمند ٿيڻ بعد واپس وطن اچي ڪيسن کي منهن ڏيندو. جنهن بعد وفاقي حڪومت سندس نالو ملڪ کان ٻاهر ويندڙن واري لسٽ مان خارج ته نه ڪيو پر هڪ دفعو ٻاهر وڃڻ جي اجازت ڏني.

پهنجو تبصرو موڪليو