ٿي سگهي ٿو ايران تي ٻيهر وڏو حملو ڪرڻو پوي، ٽرمپ، حملي جو جواب اڳي کان سخت هوندو، ايران

ٿي سگهي ٿو ايران تي ٻيهر وڏو حملو ڪرڻو پوي، ٽرمپ، حملي جو جواب اڳي کان سخت هوندو، ايران

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اعلان ڪيو آهي ته هو سعودي عرب، قطر ۽ يو اي اي جي درخواست تي سڀاڻي ايران تي رٿيل حملي کي ملتوي ڪندو. صدر ڊونلڊ ٽرمپ، ٽرٿ سوشل تي هڪ بيان ۾، چيو ته کيس قطر جي امير، تميم بن حمد الثاني، سعودي عرب جي ولي عهد، محمد بن سلمان آل سعود، ۽ گڏيل عرب امارات جي صدر، محمد بن زيد النهيان، ايران تي اسان جي رٿيل فوجي حملي کي ملتوي ڪرڻ لاءِ چيو آهي، جيڪو سڀاڻي ٿيڻو هو. ٽرمپ چيو ته اهو ان ڪري آهي جو سنجيده ڳالهيون هن وقت جاري آهن ۽ اهي عظيم اڳواڻ ۽ اتحادي سمجهن ٿا ته هڪ اهڙو معاهدو ٿيندو جيڪو نه رڳو آمريڪا لاءِ پر وچ اوڀر ۽ ان کان ٻاهر جي سڀني ملڪن لاءِ به قابل قبول هوندو. هي معاهدو، سڀ کان اهم، يقيني بڻائيندو ته ايران وٽ ڪو به ايٽمي هٿيار نه هجي.
ٿي سگهي ٿو ايران تي ٻيهر وڏو حملو ڪرڻو پوي، ٽرمپ
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اشارو ڏنو آهي ته واشنگٽن کي ايران کي “هڪ ٻيو وڏو ڌڪ” ڏيڻو پئجي سگهي ٿو، باوجود ان جي ته هو “ڊيل ڪرڻ لاءِ منت ڪري رهيا آهن”۔ ٽرمپ وائيٽ هائوس جي نئين بال روم جي تعمير واري هنڌ تي صحافين سان ڳالهائيندي چيو: “اسان کي پڪ ڪرڻي آهي ته ايران وٽ ايٽمي هٿيار نه هجن۔” هن وڌيڪ چيو: “اسان ايران سان ڳالهين ۾ آهيون… توهان ڄاڻو ٿا ته اهڙي ملڪ سان ڳالهه ٻولهه ڪيئن ٿيندي آهي جتي توهان کين سخت نقصان پهچائي رهيا هجو، پوءِ هو ميز تي ايندا آهن ۽ ڊيل لاءِ منت ڪندا آهن۔” هن وڌيڪ چيو: “مون کي اميد آهي ته اسان کي اهو ڪم نه ڪرڻو پوندو، پر شايد اسان کي کين هڪ ٻيو وڏو ڌڪ ڏيڻو پوي۔ مان اڃا پڪ سان نٿو چوان، پر توهان کي جلد خبر پئجي ويندي۔” ياد رهي ته ان کان اڳ هن چيو هو ته هو ايران تي حملي جو حڪم ڏيڻ وارو هو پر سعودي عرب سميت عرب ملڪن درخواست ڪئي ته ڳالهيون اهم مرحلي م آهن، في الحال حملو نه ڪريو. صدر ٽرمپ موجب هو ٻه ٽي ڏينهن ڏسندو ان بعد فيصلو ڪندو ته ڇا ڪرڻو آهي.
اسرائيلي فوجي نوڪريون ڇڏڻ لڳا، لڳاتار جنگ سبب پريشان
اسرائيلي فوج جي انگن اکرن موجب فوجي سروس ڇڏڻ وارن اهلڪارن جي تعداد ۾ نمايان واڌ ٿي آهي، ۽ لڳ ڀڳ 80 سيڪڙو اهلڪار ذهني دٻاءُ ۽ نفسياتي مسئلن سبب فوج ڇڏي رهيا آهن۔ هڪ اسرائيلي اخبار موجب، فوجي اختيارين خبردار ڪيو آهي ته 7 آڪٽوبر کان پوءِ مستقل ۽ ريزرو فوجين تي بار لڳاتار وڌي رهيو آهي، ۽ جيڪڏهن ڪو حقيقي حل نه ڳوليو ويو ته فوج مستقبل ۾ جنگي ۽ عام سيڪيورٽي ضرورتون پوريون ڪرڻ ۾ مشڪلاتن جو شڪار ٿي سگهي ٿي۔ رپورٽ موجب جنگ کان اڳ ريزرو فوجين کي ٽن سالن ۾ صرف 25 ڏينهن سروس ڪرڻي پوندي هئي، پر 7 آڪٽوبر 2023 کان پوءِ ڪيترائي اهلڪار 170 ڏينهن کان وڌيڪ ريزرو ڊيوٽي ڪري چڪا آهن۔ هلندڙ سال اسرائيلي فوج ۾ ريزرو ڊيوٽي کي 80 کان 100 ڏينهن تائين محدود ڪرڻ جو هدف مقرر ڪيو هو، پر ڪجهه يونٽن اڳ ئي ان حد کان وڌيڪ ڊيوٽي ڪئي آهي، جنهن جو هڪ سبب ايران ۽ لبنان سان لاڳاپيل اضافي فوجي مشن به ٻڌايو پيو وڃي۔ رپورٽ موجب لڳاتار جنگين ۾ هزارين فوجي زخمي ٿي چڪا آهن، جڏهن ته ٻين فوجي سروس ڇڏي ڏني آهي۔ فوجي اختيارين جو چوڻ آهي ته مهينن تائين جاري رهندڙ جنگين سخت ٿڪاوٽ ۽ ذهني دٻاءُ پيدا ڪيو آهي، ۽ جنگ جي شروعات کان وٺي مستقل فوجين کي تقريباً بنا وقفي ڊيوٽي ڪرڻي پئي آهي، جنهن سبب کين آرام يا تربيت لاءِ مناسب وقت نه ملي سگهيو آهي۔ اختيارين اهو به تسليم ڪيو آهي ته نظام جنگي فوجين کي مناسب آرام ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي رهيو آهي، ۽ خبردار ڪيو آهي ته مسلسل ٿڪاوٽ فوج جي تياري ۽ ڪارڪردگي تي اثر وجهي سگهي ٿي۔ فوجي اندازي موجب هن وقت لڳ ڀڳ 80 هزار اسرائيلي شهري فوجي ڀرتي کان بچي رهيا آهن، جن مان 75 سيڪڙو الٽرا آرٿوڊوڪس يهودي آهن۔ هڪ اسرائيلي اخبار موجب فوج جي اهم مطالبن مان هڪ اهو آهي ته لازمي فوجي سروس کي موجوده 32 مهينن مان وڌائي 36 مهينا ڪيو وڃي۔ فوج جنوري 2024 ۾ پهريون ڀيرو اهو مطالبو ڪيو هو، پر اڃا تائين ان تي ڪا اڳڀرائي نه ٿي سگهي آهي۔ هن وقت لڳ ڀڳ 12 هزار لازمي فوجين جي کوٽ آهي، جن ۾ 6 هزار کان 7 هزار جنگي اهلڪار شامل آهن۔
اسرائيل پاران غزه امداد فلوٽيلا جون وڌيڪ ٻيڙيون ضبط
اسرائيل جون فوجي قوتون بين الاقوامي پاڻي ۾ غزه ڏانهن ويندڙ فلوٽيلا (ٻيڙين جي قافلي) جون وڌيڪ ٻيڙيون به تشدد سان روڪي ۽ قبضي ۾ وٺي رهيو آهي، اهڙي ڄاڻ منتظمين طرفان ڏني وئي آهي۔ ’فريڊم فلوٽيلا ڪوليشن‘ چيو آهي ته “پرسيورنس” نالي ٻيڙي، جنهن ۾ آسٽريليا، بيلجيم، ڪينيڊا ۽ فرانس جا رضاڪار سوار هئا، تي به حملو ڪيو ويو آهي ۽ ان جي عملي کي اغوا ڪيو ويو آهي۔ گلوبل صمود فلوٽيلا اڳ ئي ٻڌايو هو ته لڳ ڀڳ 30 ٻيڙيون اڃا به غزه ڏانهن سفر جاري رکيون پيون وڃن، باوجود ان جي ته اسرائيل جون فورسز گهٽ ۾ گهٽ 47 ٻيڙيون اڳ ئي قبضي ۾ وٺي چڪيون آهن۔ قطر ملائيشيا ۽ ترڪيه هن فلوٽيلا تي حملي جي سخت مذمت ڪئي آهي۔ ياد رهي ته هن قافلي ۾ فيصل ايڌي جو پٽ ۽ آئرلينڊ جي وزيراعظم جي ڀيڻ به شامل آهن.

دشمنن ٻيهر حملي جي ڪوشش ڪئي ته جواب اڳي کان وڌيڪ سخت هوندو، ايران
ايران جي خاتم الانبياء سينٽرل هيڊڪوارٽر جي ڪمانڊر ميجر جنرل علي عبد اللهي آمريڪا ۽ ان جي اتحادي ملڪن کي خبردار ڪيو آهي ته هو ڪا ٻي “اسٽريٽيجڪ غلطي يا غلط اندازو” نه لڳائين، اهڙي ڄاڻ تسنيم نيوز ايجنسي ڏني آهي۔ ڪمانڊر چيو ته ملڪ جون هٿياربند فوجون اڳ کان وڌيڪ تيار ۽ وڌيڪ طاقتور آهن ۽ ڪنهن به نئين جارحيت جو جواب ڏيڻ لاءِ مڪمل طور تي تيار آهن۔ هن وڌيڪ چيو ته “آمريڪي ۽ صهيوني قوتن بار بار ايران جي عزم کي پرکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پر کين ڪا ڪاميابي نه ملي آهي”، ۽ خبردار ڪيو ته جيڪڏهن ٻيهر ڪا غلطي ڪئي وئي ته ان جو جواب اڳ کان گهڻو وڌيڪ سخت ۽ طاقتور هوندو.
حزب الله پاران اسرائيلي فوج تي حملي جي دعويٰ
لبنان جي هٿياربند گروهه حزب الله چيو آهي ته هن جي فوجن ڊرونز ذريعي راشاف شهر ۾ اسرائيلي سپاهين کي نشانو بڻايو آهي۔ حزب الله پنهنجي ٽيليگرام پوسٽ ۾ چيو ته هي حملو ڏکڻ لبنان جي ڳوٺن تي اسرائيلي حملي جي موٽ طور ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا هئا۔ اسرائيلي فوج طرفان ان واقعي تي فوري طور ڪو به تبصرو نه ڪيو ويو۔ لبنان جي صحت واري وزارت موجب، 2 مارچ کان وٺي لبنان تي اسرائيلي حملن ۾ مارجي ويل ماڻهن جو انگ هاڻي 3,000 کان وڌيڪ ٿي چڪو آهي۔

پهنجو تبصرو موڪليو