اسلام آباد(رپورٽ الله وسايو گهوٽو) پاڪستان جو پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي گڏيل عرب امارات پهچي ويو آهي جتي هن وزيراعظم، نائب صدر ۽ دبئي جي حڪمران شيخ راشد المڪتوم سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون. پرڏيهي کاتي جي ترجمان موجب هن ابو ظهبي جي حڪمرانن سان ٻه طرفن لاڳاپن، تجارتي تعلقات ۽ پاڪستانين جي فلاح بهبود بابت ساڻن ڳالهيون ڪيون ۽ وزيراعظم عمران خان جي نيڪ خواهشن جو پيغام پهچايو.هن دبئي ايڪسپو 2020 ۾ پاڪستان جي شرڪت تي اطمينان ظاهر ڪيو.زراعت ۽ ٻين شعبن ۾ سيڙپڪاري بابت به ڳالهيون ڪيون. هو پاڪستاني ڪميونٽي سان به ملاقات ڪندو ۽ سندن مسئلا معلوم ڪندو. ياد رهي ته تازو يُو اي اِي پاڪستاني شهرين جي ويزا تي پابندي مڙهي هئي ۽ ورڪ ويزا لاءِ به سختي ڪئي هئي. سعودي عرب ۽ پاڪستان ۾ تعلقات خراب ٿيڻ بعد يُو اي اِي ڏنل قرض واپس ڪرڻ جو چيو هو. پاڪستان سخت معاشي مشڪل ۾ آهي ڪورونا ۽ ٻين سببن ڪري معيشت ۾ واڌ جي شرح منفي ٿي وئي آهي. سعودي عرب کي چين کان قرض وٺي هڪ ارب ڊالر واپس ڪيا هئا ۽ هڪ ارب ڊالر وڌيڪ ايندڙ سومر تي پاڪستان واپس ڪندو. برطانيا ۽ سعودي عرب کانپوءِ يُو اي اِي ۾ ٽئين نمبر تي وڌيڪ پاڪستاني ڪميونٽي جا ماڻهو ڪم ڪندا آهن. جن جو تعداد 15 لک آهي، جن مان 4 لک صرف دبئي ۾ آهن. مقامي عرب آباديي کانپوءِ ٻئي نمبي تي ڀارتي ۽ تئين نمبر تي پاڪستاني يو اي اي جي وڏي آبادي رکندڙ آهن. هر سال 3 ارب ڊالر کان مٿي پاڪستاني رقم ڏيهه موڪلين ٿا. پاڪستان کي هر مهيني 2 ارب ڊالر پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني موڪلين ٿا، جيڪڏهن سعودي عرب ۽ يو اي اي پابنديون هڻن ٿا ته هڪ پاسي پاڪستاني شهري متاثر ٿيندا ۽ پاڪستان جو پرڏيهي ناڻو ڪمائڻ جو وڏو ذريعو به متاثر ٿيندو. هن وقت پاڪستان جو پرڏيهي ناڻو ڪمائڻ جو وڏي ۾ وڏي ذريعو سمنڊ پار پاڪستاني آهن ڇو ته ڪورونا وبا سبب ايڪسپورٽ متاثر ٿيا آهن، هونئن به پاڪستان جا ايڪسپورٽ 25 ارب ڊالر ساليانا جي لڳ ڀڳ هوندا آهن. ڪجهه سياسي تجزيه ڪارن جو چوڻ آهي ته پاڪستان يو اي اي معرفت سعودي عرب سان تعلق بهتر ڪرڻ چاهي ٿو.










