قرض ڪميشن تي اعتراض، پارليمان جي فيصلن جي ايجنسيون جاچ ڪنديو؟ عباسي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ نواز ليگ جي اڳواڻ شاهد خاقان عباسي گذريل 10 سالن دوران ورتل قرضن بابت جاچ لاءِ ڪميشن جي مخلافت ڪندي سوال  اٿاريو آهي ته ڇا پارليمان مان پاس ڪيل بجيٽ بابت ايجنسيون جاچ ڪنديون؟ هن حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو ته کين ڪا خبر ناهي. چنچر تي قومي اسمبلي ۾ بجٽ تقرير ڪندي هن چيو ته دفاعي بجٽ گهٽ ڪري ملڪي سلامتي کي خطري ۾ وڌو ويو آهي. هن چيو ته جيڪا قوم 4000 ارب ٽيڪس نه ٿي ڏئي سگهي اها 5500 ارب ڪٿان ڏيندي. هن چيو ته هي آءِ ايم ايف جي بجٽ آهي عوام دشمن بجٽ آهي. اسانجي دور ۾ پگهاردار طبقي کي ڏنل رعايت ختم ڪئي آهي. ياد رهي ته حڪومت، پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ جي گذريل 10 سالن دوران ورتل قرضن ۽ انهن جي استعمال جي جاچ لاءِ ڪميشن آف انڪوائريز جوڙي ڇڏي آهي. جمع تي جوڙيل 12 رڪني ڪميشن جو سربراهه نيب جو ڊپٽي چيئرمين ۽ پوليس گروپ جي گريڊ 22 جو آفيسر حسين اصغر هوندو ۽ ان ۾ ملٽري انٽيليجنس، آءِ ايس آءِ، ايف آءِ اي، آءِ بي، ايف بي آر، سيڪورٽي اڪسچينج ڪميشن، اي جي پي آر ۽ اسٽيٽ بئنڪ جا نمائندا شامل هوندا ۽ ناڻي کاتي جو سيڪريٽري ان جا ميمبر هوندا. ڪميشن ڪنهن به اداري ۽ فرد کان معلومات وٺڻ ۽ سهڪار حاصل ڪرڻ جو مجاز هوندو. ڪميش 6 مهينن ۾ رپورٽ پيش ڪندي 2008 کان 2018 تائين جيڪي قرض ورتا ويا اهي خرچ ڪٿي ٿيا. ذميوارن جو تعين به ڪندي. 2008 ۾ قرض 6690 ارب هو جيڪو 2018 ۾ وڌي 30846 ارب ٿي ويو. حڪومت ڪميشن جي قيام جي ڪابينا کان منظوري ورتي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو