اسلام آباد(بيورو)آءِ ايم ايف کان قرض پروگرام جي بحالي لاءِ ڳالهيون اڄ دوحا ۾ شروع ٿينديون جنهن لاءِ پاڪستاني وفد دوحه روانو ٿي ويو.آءِ ايم ايف سان قرض پروگرام جي بحالي لاءِ اڄ شروع ٿيندڙ ڳالهيون 25 مئي تائين جاري رهنديون ۽ جيڪڏهن ڳالهيون ڪامياب ٿيون ته پاڪستان کي فوري طور تي هڪ ارب رپين جي قسط جاري ڪرڻ جي سفارش ڪئي ويندي.آءِ ايم ايف عملدارن سان ڳالهين دوران پاڪستاني وفد جي قيادت ناڻي وارو سيڪريٽري ڪندو جڏهن ته وفد ۾ اسٽيٽ بئنڪ، ايف بي آر ۽ توانائي واري وزارت جا نمائندا شامل هوندا، ٽيڪنيڪل ڳالهين کانپوءِ ناڻي وارو وزير پاليسي ڳالهين ۾ شريڪ ٿيندو.










