بدين(ن س) جماعت اسلامي پاران قرآن پاڪ جي بي حرمتي خلاف اقصيٰ کوسڪي روڊ کان بدين پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي، سوين گڏ ٿيل ماڻهن جي ميڙ ۾احتجاجي مظاهري کي جماعت اسلامي پاران خطاب ڪندي جماعت اسلامي ضلعي بدين جي امير سيد علي مردان شاه چيو آهي ته قرآن پاڪ جي بي حرمتي 10 ارب مسلمانن جي ايمان تي حملو آهي، هن وڌيڪ چيو ته سويڊن ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي واري واقعي جي سخت مذمت ڪريان ٿو ۽ ان کي 100 ارب مسلمانن جي جذبات تي حملو قرار ڏيان ٿو. هن چيو ته سويڊن ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي جو واقعو اسلامو فوبيا ۽ مغرب جي منهن تي بدنما داغ آهي، سويڊن کانپوءِ هالينڊ ۾ به اهڙو واقعو پيش آيو آهي، اهڙي واقعي جون رپورٽون مغربي دنيا جي مونجهاري جي علامت آهن، ان معاملي کي به منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ گهرجي. پاڪستان واقعي خلاف سخت احتجاج ڪرڻ گهرجي ۽ سفير کي پاڪستان جي عوام جي جذبات کان آگاهه ڪيو وڃي، اهڙي افسوسناڪ واقعن جي آڙ ۾ توهان کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ان موقعي تي الله بچايو ھاليپوٽو.عظيم منصوري .غلام رسول احمداڻي .عبداللطیف کوسو .عبدالڪريم بليدي فتح خان کوسو ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪيو










