دڙو (امداد ميمڻ) قديم پرائمري اسڪول علي محمد جاڌاڻي ھڪ سال کان بند ھئڻ سبب چوپائي مال جي چاري طور استعمال ھيٺ آھي. اسڪول تي مقرر گوسڙو ماستر گھڻي وقت کان گھر ويٺي پگھار کڻي رھيو آھي جنھن سبب اسڪول ۾ داخل ڳوٺ جا 30 کان وڌيڪ ٻار اسڪول پڙھڻ بدران چوپائي مال کي چارڻ ۽ ٻني ٻاري جو ڪم ڪن ٿا. وڏي حيرت جھڙي ڳالھ اھا آھي ته مذڪوره اسڪول جي مرمت ۽ ان جي سڌاري لاءِ تعليم کاتي طرفان ملندڙ ايس ايم سي فنڊن ۽ مختلف اين جي اوز پاران لکين روپيا مھيا ٿيڻ باوجود اسڪول جي بلڊيگ، ڇت, فرش ۽ فرنيچر کان محروم آھي. اسڪول جي حالت انتھائي بدتر آھي. ڪوريج لاءِ پھتل “سنڌ يار” جي ٽيم سان ڳوٺ جي چڱي مڙس ۽ يوسي دڙو جي چونڊيل ڪائونسلر عبدالله عرف ابو جاڌاڻي، يوسف جاڌاڻي ۽ ٻين ڳالھائيندي چيو ته مذڪوره پرائمري اسڪول ھن علائقي جو قديم تعليمي درسگاه رھيو آھي پر انتظامي نااھلي ۽ گوسڙو استاد جي مقرري سبب ڪافي سالن کان بند پيل آھي.

اسڪول ۾ داخل ٻار مال چارڻ ۽ ٻني ٻاري جو ڪم ڪن ٿا. ھنن چيو ته سرڪاري رڪارڊ ۾ مذڪوره اسڪول ھلندڙ آھي ڪافي ھائي گھوڙا ڪرڻ باوجود ڪير به توجهه ڏيڻ لاءِ تيار ناھي. اسڪول ۾ داخل شاگردن معشوق جاڌاڻي، دلبر جاڌاڻي، علي گل جاڌاڻي ۽ ٻين ٻڌايو ته اسڪول کي بند ٿيندي سال کان به وڌيڪ عرصو گذري چڪو آھي جنهن ڪري اسان چوپايو مال چاريون ٿا ۽ ٻني ٻاري جو ڪم ڪريون ٿا پر جيڪڏھن سرڪار ۽ ان جو تعليم کاتو اسڪول کي کولي اتي تدريسي عمل شروع ڪري ته اسان ٻني ٻاري جو ڪم ڇڏي تعليم جي زيور سان رنگجي مستقبل ۾ سٺا انسان بنجڻ چاھيون ٿا. ھنن چيو ته اسڪول تي گھڻي وقت کان مقرر ماستر ھفتي ۾ ھڪ ڏينھن ڳوٺ اچي رڪارڊ تي صحيحون ڪري ھليو وڃي ٿو. ھوڏانھن تعليم کاتي ميرپوربٺورو جي تعلقا آفيسر علي محمد گرماڻي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته سندس مقرري کي ڏيڍ ھفتو مس ٿيو آھي. مون کان اڳ واري مقرر ڊي او ميرپوربٺورو جي نااھلي سبب مذڪوره اسڪول جي اھڙي صورتحال ٿي آھي. ھن دعويٰ ڪندي اعلان ڪيو ته سڀاڻي کان ئي ھنگامي بنيادن تي پرائمري اسڪول علي محمد جاڌاڻي جو دوُرو ڪري اتي مقرر استاد خلاف سخت ڪارروائي ڪري اسڪول کي چالو ڪرايو ويندو.










