قدرتي آيل آفت ۾ تمام گهڻا متاثر ٿيا آهن: محمد ابراهيم جتوئي

قدرتي آيل آفت ۾ تمام گهڻا متاثر ٿيا آهن: محمد ابراهيم جتوئي

شڪارپور (ن سنڌيار) ڊاڪٽر محمد ابراهيم جتوئي پنهنجي رهائشگاه تي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته قدرتي آيل آفت ۾ تمام گهڻا متاثر ٿيا آهن ماڻهن جو جاني مالي نقصان ٿي چڪو آهي پر انتظاميا طرفان ڪو به ڪم پورو ناهي ڪيو ويو هن چيو ته ٻھراڙي ۾ پنهنجي مدد بيٺل پاڻي اسان ڪڍرايو آهي هن چيو ته خبرون اچن ٿيون ته متاثرين لاء ٽينٽ اچي چڪا آهن پر انتظاميا طرفان اڃا ورهاست ناهي ڪئي وئي ڪئمپن ۾ جتي 3 سئو ماڻھون رهن ٿا اتي صرف هڪ سئو چڻن ماڻھن جي ماني پهچائي پئي وڃي ڊاڪٽر محمد اراهيم جتوئي چيو ٻھراڙي وارا متاثرين ڳوٺن مان لڏي روڊ رستن تي بيوس ويٺل آهن اهڙيون ڪاميٽيون جوڙجن جنهن ۾ تپيدار مختيارن سان گڏ لوڪل ماڻھون به ڪاميٽيون قائم ڪري انهن کي مقرر ڪيو وڃي هن چيو ته سرڪار پاران 25 هزار روپيا متاثرين کي ڏيڻ مان متاثرين ڇا ڪري سگندا ڊاڪٽر ابراهيم جتوئي چيو ته هن آفت ۾ فش فام ۽ فصلن جو 90 سيڪڙو نقصان ٿي چڪو آهي ھن وڌيڪ چيو ته ميڊيا کي گزارش آهي ته ھن آفت ۾ جيڪو نقصان ٿيو آهي اهو سچائي سان ڏيکاريو وڃي ته جيئن هن سرڪار کي ٻاهريان خان خيرات ملي سگهي هن چيو ته جيڪي بندن جي ٽٽڻ جا پئسا اچن ٿا اتي ڪم نه ٿو ڪيو وڃي اهي پئسا لاڳاپيل ادارا کائي وڃن ٿا هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته پهرين پاڻي جو مان ته جان ڇڏايون پوء اتحاد جوڙيا ويندا

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو