قتل ڪيس ۾ 2 جوابدارن کي عمر قيد ۽ ڏنڊ جي سزا

نوشھروفيروز(ڊ ر) فرسٽ ايڊيشنل اينڊ ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ جي جج عبدالوحيد شيخ جي عدالت قتل جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي ٻن جوابدارن منظور ٻرڙو ۽ عبدالغفار ٻرڙو کي عمر قيد ۽ ٻه ٻه لک رپيا ڏنڊ جي سزا ڏئي ڇڏي. واضح رهي ته ست سال اڳ مٺياڻي ٿاڻي تي فريادي غلام مرتضي پنهور ڪيس داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو هو ته ڳوٺ فضل محمد ٻرڙو ۾ منهنجي ڏاڏي سھراب پنهور جو دڪان آھي ان دڪان تان منظور ٻرڙو ۽ عبدالغفار ٻرڙو اوڌر تي سامان کنيو اوڌر جا پيسه گهرڻ تان جوابدار منظور ٻرڙو ۽ عبدالغفار ناراض ٿي پيا ۽ 20 مئي 2012  تي دڪان تي آيا ان دوران عبدالغفار ٻرڙو جي ھٿ ۾ پسٽل ۽ عبدالغفار ٻرڙو جي ھٿ ۾ هڪ نالي بندوق ھئي جنهن بندوق جو سڌو فائر ڪري منهنجي ڏاڏي سھراب پنهور کي قتل ڪري ڇڏيو. ٻڌڻي دوران عدالت ۾ اھڙو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي جوبدارن کي عمر قيد ۽ ٻه ٻه لک روپين جي سزا ڏني وئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو