قتل ڪيس ۾ 1 کي ڦاهي، ٽن جوابدارن کي عمر قيد جي سزا

قتل ڪيس ۾ 1 کي ڦاهي، ٽن جوابدارن کي عمر قيد جي سزا

ميهڙ (غلام حسين پنھور) فرسٽ ايڊيشنل اينڊ سيشن جج دادو غلام ياسين ڪولاچي جي عدالت قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي 3 ڀائرن سميت 4  جوابدارن کي ڦاسي ۽ عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي. عدالت قتلن جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار رياض حسين مگسي کي ڦاسي جڏھن ته جوابدارن غلام مصطفي، فدا حسين، صابر حسين  مگسي کي عمر قيد ۽ 4  جوابدارن کي هرهڪ تي 13.ڊي جي ڪيس ۾ غير قانوني هٿيار رکڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي وڌيڪ  ڏهه ڏهه سال سزا ٻڌائي ڇڏي. واضح رهي ته  جوابدارن 2015 ۾ ميهڙ ڀرسان زرعي زمين جي تڪرار تان محمد صالح ۽ عاشق کوسو کي گوليون هڻي قتل ڪيو هيو جڏھن ته واقعي دوران بچل ۽ مختيار کوسو زخمي ٿيا هئا جنهن جو تڪرار هن وقت تائين ٻنهي ڌرين ۾ هلندڙ آهي. سزا ٻڌايل جوابدارن کي عدالت جيل حوالي ڪري ڇڏيو جڏھن ته ساڳي ڪيس ۾ عدالت پاران نامزد جوابدارپيرسن  محمد قاسم مگسي کي آزاد ڪري ڇڏيو هيو جڏھن ته ڪيس ۾ 5 جوابدار ڏيکاريا ويا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو