قتل ٿيل گل حسن جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ  لغاري برادري جو احتجاج

قتل ٿيل گل حسن جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ لغاري برادري جو احتجاج

جروار (ن سنڌيار)جروار ويجهو قتل ٿيل گل حسن لغاري جي قاتلن جي گرفتاري لاء لغاري برادري جو احتجاج پوليس مک جوابدارن کي گرفتار نه ٿي ڪري مک جوابدار بااثر هجڻ ڪري پوليس ڪيس مان نالو خارج ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪري مظاهرين ٻئي پاسي جروار پوليس ابل ڳڙهي مان قتل ڪيس ۾ نامزد ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو, تفصيل موجب جروار ويجهو لڳ ڪنڊيرشاخ جو رهواسي گل حسن لغاري هٿياربندن هٿان پنج ڏينهن اڳ قتل ٿيو هو ڳوٺاڻي جي قتل ڪيس ۾ ملوث مک جوابدارن جي گرفتاري لاء لغاري برادري جي ماڻھن جو احتجاج مقتول جي وارثن عاشق لغاري ۽ٻين جو چوڻ هو ته گل حسن لغاري کي قتل ڪندڙ جوابدار سعيد بوزدار کي پوليس گرفتار نه ٿي ڪري هو اڃا اسان کي موتمار ڌمڪيون ڏيئي ٿو بااثر سياسي ماڻھن جي چوڻ تي پوليس جوابدار سعيد بوزدار جو ڪيس مان نالو خارج ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿي جيڪڏھن پوليس ائين ڪيو ته اسان مرڻ گهڙي تائين ايس ايس پي گهوٽڪي آفيس اڳيان بک هڙتال تي وهنداسين هنن وڌيڪ چيو ته گل حسن لغاري کي ناحق قتل ڪيو ويو ۽راحب لغاري جيڪو زخمي ٿيو هو ان جي حالت به انتهائي خراب آھن هنن مطالبو ڪيو ته قتل ڪيس ۾ گهربل مک جوابدارن کي فورن گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي ٻئي پاسي جروار پوليس ايس ايڇ او امان الله چنو جي اڳواڻي ۾ ڳوٺ ابل ڳڙهي تي چڙهائي ڪري مقتول گل حسن لغاري جي قتل ڪيس ۾ گهربل جوابدارن مان حاڪم بوزدار منير بوزدار ۽شبير بوزدار کي گرفتار ڪري ورتو آھي رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او امان الله چنو ٻڌايو ته ٽي جوابدار گرفتار ڪيا آھن ٻن جوابدارن جي گرفتاري لاء ڪوششون هلن پيون جلد انهن کي به گرفتار ڪنداسين ڀلي جوابدار ڪيترائي بااثر هجن پر گرفتار ضرور ڪنداسين

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو