دڙو (ن س) دڙو لڳ قتل جو جرڳو 60 لک رپيا ڏنڊ، جوابدار ڌر طرفان فيصلو مڃڻ کان انڪار، احتجاج، جوابدار ڌر فيصلي جي انحرافي ڪئي آھي، سخت ڪارروائي ڪئي وڃي،(مقتول جا ڀائر) تفصيل موجب دڙو لڳ ابڙال شھر جي ڳوٺ چاڪر چانڊيو ۾ 8 آڪٽوبر تي جسقم اڳواڻ پنهون چانڊيو جي قتل جو جرڳو پ پ ايم پي اي غلام قادر چانڊيو جي سرپئنچي هيٺ ٿيو هو، جرڳي ۾ اڳوڻو ايم پي اي محمد نواز چانڊيو، پ پ اڳواڻ ارباب وزير احمد ميمڻ، اقبال چانڊيو سميت مختلف برادرين، راڄن جي چڱن مڙسن ۽ سوين علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي هئي، جرڳي ۾ الزام هيٺ آيل جمن چانڊيو واري ڌر مٿان مجموعي طور 60 لک رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو هو، ان سلسلي ۾ جوابدار جمن چانڊيو جي پيءُ راڻو چانڊيو پاران فيصلو مڃڻ کان انڪار ڪندي دڙو ۾ احتجاج ڪيو آهي، جوابدار جي پيء راڻو چانڊيو الزام ھنيو آھي، تہ جرڳي ۾ اسان مٿان زبردستي فيصلو مڙهيو پيو وڃي، اڪيلو پٽ جيل ۾ آهي، انصاف ڪيو وڃي، راڻون چانڊيو الزام ھڻندي چيو تہ بااثرن 10 ايڪڙ زمين تي قبضو ڪري ڇڏيو آهي، ۽ ھاڻي مارڻ چاهين ٿا تحفظ فراهم ڪيو وڃي، ھوڏانھن مقتول پنھون چانڊيو جي ڀائرن علي نواز چانڊيو، اڪبر چانڊيو ۽ سوُٽ عمر چانڊيو رابطو ڪرڻ تي جوابدار جي پيء پاران ھنيل الزامن کي رد ڪندي ٻڌايو تہ 8 آڪٽوبر تي ٿيل راڄوڻي فيصلي ۾ جوابدار ڌر موجود ھئي، جنھن ۾ جوابدار ڌر تي خون ديٿ جي رقم 60 لک روپيا مقرر ڪئي وئي، جوابدار ڌر خود فيصلي جي خلاف ورزي ڪئي آھي، جوبدار ڌر مقرر ڪيل 60 لک مان 15 لک روپيا معاف ڪرايا آھن، ۽ اڃا بہ 20 لک روپيا ٻيا معاف ڪرائڻ چاھين ٿا، ھنن وڌيڪ چيو تہ فيصلو ڪندڙ چونڊيا برادري جا سردار فيصلي جي انحرافي ڪندڙ جوابدار ڌر خلاف سخت قدم کڻن. ياد رھي تہ 4 سال اڳ ابڙال ۾ جوابدار جمن چانڊيو فائرنگ ڪري هوٽل تي ويٺل جسقم اڳواڻ پنهون چانڊيو کي قتل ڪري ڇڏيو هو، جوابدار کي ڏوھ ثابت ٿيڻ تي ٺٽي سجاول جي سيشن عدالت ڦاھي جي سزا ڏني، جيڪو ھن وقت جيل ۾ سزا ڀوڳي رھيو آھي،










