قبضن خلاف ڪاروائي، متاثرن جو هاءِ وي تي ڌرڻو

قبضن خلاف ڪاروائي، متاثرن جو هاءِ وي تي ڌرڻو

ڪشمور (رپورٽ جي ايم کوسو(گڊو، ڊيرا موڙ ۽ ڪشمور ۾ سنڌو دريا ۽ ان جي ڪينالن تي آباد ماڻهن کي انتظاميا پاران قبضا ختم ڪري زمين خالي ڪرڻ وارا نوٽيس ملڻ بعد سوين ماڻهن پاران انڊس هائي وي تي زيرو پل وٽ ڌرڻو هنيو ويو, ڌرڻي سبب وڏي انگ ۾ گاڏيون بيهجي ويون, ڌرڻي ۾ شامل مردن, عورتن ۽ معصوم ٻارڙن پاران ڪشمور جي ضلعي انتظاميا خلاف سخت نعري بازي ڪئي ويئي,

ان موقعي تي لال محمد سولنگي, گل محمد سولنگي, بابو لاشاري, پير محمد شيخ ۽ ٻين جو چوڻ هو ته گذريل 60, 70  سالن کان ان زمين تي آباد آهيون هاڻي پنهنجي هٿن سان ٺاهيل گهر ڪئين ڇڏي هليا وڃون غريب ۽ مسڪين پورهيت آهيون 30 40  سال محنت ڪري مس غريباڻا گهر ٺاهيا آهن ۽ اوچتو ڪشمورانتظاميا پاران ڪورٽ سڳوري جو حڪم نامو ڏيکاري اسان کي پنهنجا اجها خالي ڪرڻ جا نوٽيس ڏنا ويا آهن, احتجاج ڪندڙن سرڪار ۽ ڪورٽ سڳوري کي اپيل ڪئي آهي ته مسڪين ماڻهن کي بي گهر ٿيڻ کان بچايو وڃي, ٻئي طرف ڪشمور جي ڀرسان زيرو ميل تي انتظاميا پاران ڪيترائي گھر ڊاھي پٽ ڪري ڇڏيا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو