قبضن خلاف آپريشن عدالتي حڪم تي جاري آهي، شاهه

قبضن خلاف آپريشن عدالتي حڪم تي جاري آهي، شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ملير ۾ زراعت لاءِ ورتل زمين تجارتي مقصد لاءِ استعمال ٿي ته آپريشن شروع ڪيو، سپريم ڪورٽ جَي حڪم تي قبضا ختم ڪرايا پيا وڃن.هن چيو ته ڏک اٿم ته حليم عادل شيخ منهنجَي والد بابت غلط لفظ استعمال ڪيا، سپريم ڪورٽ جَي حڪم تي سرڪاري زمينن تان قبضا ختم ڪرڻ لاءِ آپريشن ڪيو پيو وڃي، ملير ۾ آپريشن کي سياسي رنگ ڏيڻ جي ڪوشش نه ٿيڻ گهرجي، حليم عادل سيوهڻ ۾ منهنجي ساراهه ڪري رهيو هو، هاڻي وري منهنجي والد کي به گهٽ وڌ ڳالهائي رهيو آهي، وڏي وزير مراد علي شاهه ملير آپريشن ۾ حليم جي سئوٽ جو فارم هائوس ڊاهڻ کان اڻڄاڻائي ظاهر ڪندي چيو آهي ته ليز تي ورتل زرعي زمين تي ڪاروباري سرگرميون نٿيون ڪري سگهجن، ملير جِي انتظاميا زرعي زمين تي ڪمرشل سرگرمين خلاف آپريشن ڪيو، ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير سينيٽ اليڪشن بابت آرڊيننس کي کِل جوڳو قرار ڏيندي چيو ته آرڊيننس سپريم ڪورٽ جي ڪم ۾ مداخلت ڪرڻ برابر آهي، سپريم ڪورٽ کي اهڙي عمل جو نوٽيس وٺڻ گهرجي. حڪومت جي دعويٰ آهي ته ملير ۾ قبضا مافيا خلاف آپريشن دوران 5 سئو 48 ايڪڙ سرڪاري زمين تان قبضو ختم ڪرايو ويو آهي. ڊي سي ملير طرفان مختلف علائقن ۾ ٿيل آپريشن بابت جاري ڪيل بيان ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته سب ڊويزن مراد ميمڻ ۽ سب ڊويزن شاهه مريد ۾ سپريم ڪورٽ جي حڪم تحت غيرقانوني قبضن خلاف آپريشن ڪيو ويو، روينيو آفيسرز، ائنٽي انڪروچمينٽ فورس ۽ پوليس آپريشن ۾ حصو ورتو، خالي ڪرايل سرڪاري زمين جا تفصيل سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪيا ويندا، ڊي سي طرفان شهرين کي غيرقانوني اسڪيمز ۾ سيڙپڪاري نه ڪرڻ جي اپيل، ملير ۾ آپريشن دوران حليم عادل شيخ جي سئوٽ طارق قريشي جو فارم هائوس ڊاهي پٽ ڪيو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو