قبائلي جهيڙن خلاف سڄاڻ ڌريون سراپا احتجاج

قبائلي جهيڙن خلاف سڄاڻ ڌريون سراپا احتجاج

ڪنڌڪوٽ (ن سنڌيار) ڪنڌڪوٽ ضلعي ۾ رتوڇاڻ ۽ قبائلي جهيڙن خلاف سڄاڻ ڌريون سراپا احتجاج بڻيل، ڪشمور ۽ تنگواڻي ۾ قومپرست ڪارڪن رستن تي نڪري آيا، مظاهرين دوران وڏي انگ ۾ شهرين طرفان شرڪت، ڪنڌڪوٽ ضلعي ۾ رتوڇاڻ ۽ پوليس خلاف نعريبازي، مظاهرين جو چوڻ آهي ته ڪنڌڪوٽ پوليس 9 ڄڻن جي قتل واري واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو، قبائلي جهيڙا آئي ڏينهن انساني حياتيون ڳڙڪائي رهيا آهن، پوليس ضلعي جو امن بحال ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، ڪنڌڪوٽ سوڌو ٻين ضلعن ۾ قبائلي جهيڙا ختم ڪرائڻ جو مطالبو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو