قانون سازي ڪرڻ پارليامينٽ جو اختيار آهي: مرتضيٰ وهاب

قانون سازي ڪرڻ پارليامينٽ جو اختيار آهي: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت جي ترجمان ۽ قانوني صلاحڪار سنڌ بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته قانون سازي ڪرڻ پارليامينٽ جو اختيار آهي، پارليامينٽ سپريم ادارو آهي ۽ هر ادارو آئين جي حدن ۾ رهي ڪم ڪندو. پارليامينٽ ۾ قانون سازي خوش آئند آهي، جيڪڏهن قانون سازي اڳ ۾ ٿي وڃي ها ته نسلا ٽاور جهڙا واقعا پيش نه اچن ها، ريڪوڊڪ ۽ رينٽل پاور ۾ مداخلت نه ٿئي ها، جڏهن ته حڪومت جو مطلب رڳو وزيراعظم نه آهي، ساڳي ريت سپريم ڪورٽ جو مطلب صرف چيف جسٽس نه آهي. سپريم ڪورٽ جو مطلب آهي سمورا جج ۽ ادارو آهي . هو ڪالهه خميس ڏينهن سنڌ اسيمبلي جي ڪميٽي روم ۾ پريس ڪانفرنس ڪري رهيو هو. هن چيو ته گذريل ڪجهه سالن کان قوم آئين ۽ قانون جي ڳالهه ڪري رهي آهي، اسان جي سماج ۾ جيڪا به ڳالهه ٻولهه ٿيندي آهي، ان ۾ آئين ۽ قانون کي هٿي وٺرائي ويندي آهي. آئين بيان ڪري ٿو ته ڪهڙي اداري کي ڇا ڪرڻو آهي. آئين جي خوبصورت ڪتاب ۾، جنهن کي بحث کان پوءِ وڌيڪ بهتر ڪيو ويو، سپريم ڪورٽ حڪومت ۽ پارليامينٽ جي تشريح ڏني آهي، جنهن تحت پارليامينٽ ۽ صوبائي اسيمبليون وفاقي قانون ساز لسٽ موجب قانون سازي ڪري سگهن ٿيون. بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته گهڻيون ڳالهيون ٿيون آهن ته سپريم ڪورٽ مداخلت ڪري رهي آهي، حڪومت فيصلو ڪندي ته سپريم ڪورٽ ۾ ڪيترا جج هجڻ گهرجن، مان ان قانون سازي کي ڀليڪار قرار ڏيان ٿو ڪاش پارليمنٽ پهرين قانون سازي ڪري ها ته نسلا ٽاور جي متاثرن کي اپيل ڪرڻ جو موقعو ملي ها، ريڪوڊڪ تي پاڪستان کي ڏنڊ نه ڀوڳڻو پوي ها. پارليمينٽ محسوس ڪيو ته ان مسئلي کي ڏسون ۽ حدون مقرر ڪريو قانون جي شاگرد جي حيثيت سان آئون هن قانون سازي کي ڀليڪار ڪريان ٿو. هن چيو ته ڀٽو سان زيادتي ڪئي وئي، چيف جسٽس کي هر صورت ۾ پاڻمرادو نوٽيس وٺي، متاثر ڌر کي اپيل جو حق به نه هجي، اهو ڪٿان جو انصاف آهي هڪ زماني ۾ وفاقي حڪومتن جي فيصلن کي وزير اعظم ۽ صوبائي حڪومتن جي فيصلن کي وڏو وزير سمجهائيندو هو. 2016ع ۾ چيف جسٽس ثاقب نثار جي دور ۾ سپريم ڪورٽ جو هڪ فيصلو آيو، جنهن ۾ چيو ويو هو ته فيصلا ڪابينا جي مرضي سان ٿيندا. جيڪا قانون سازي ڪئي وئي آهي ان جي تحت پاڻمرادو نوٽيس جو اختيار چيف جسٽس نٿا ڪري سگهن ٽي سينيئر جج ملي ڪري ڪندا. آئين ۾ لکيل آهي ته سپريم ڪورٽ صرف چيف جسٽس ناهي سمورا جج صاحبان آهن، آئين جي آرٽيڪل 181-4 ۽ 184 ۾ واضح طور تي لکيل آهي ته سپريم ڪورٽ جا اختيار واضح آهن ۽ اهو پڻ واضح طور تي لکيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ سڀني ججن جو ادارو آهي نه رڳو چيف جسٽس جو. جڏهن حڪومت جو مطلب صرف وزيراعظم نه پر ڪابينا آهي ته پوءِ سپريم ڪورٽ جو مطلب به صرف چيف جسٽس نه آهي. بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته نئين قانون ذريعي چيف جسٽس جا اختيار گهٽ نه ڪيا پيا وڃن، پارليامينٽ اهم ادارو آهي. قانون سازي سندس اختيار آهي. مون کي اهو حق نٿو پهچي ته مان اختيار پاڻ طي ڪيا. نسلا ٽاور ڪيس ۾ واضح رهي ته متاثرن کي پاڻمرادو نوٽيس خلاف اپيل جو حق ناهي ڏنو ويو. هن چيو ته سينيٽ مان منظوري کانپوءِ اميد آهي ته صدر ان تي دستخط ڪندو، هن وقت تائين ٽي فيصلا ٿي چڪا آهن، ڪجهه سالن ۾ آئيني معاملن تي وڏو بحث ٿيو آهي، هر ڪو چوي ٿو ته هي ڪتاب آهي. اهو ٻڌائي ٿو ته پاڪستان جي رياست ڪيئن هلندي، عدليه ڇا ڪندي، اهو هڪ اهڙو خوبصورت ڪتاب آهي جنهن ۾ هر سوال جو جواب ڏنل آهي، ذوالفقار علي ڀٽي هن ڪتاب کي پارليامينٽ مان منظور ڪيو ۽ سڀني کي ان تي عمل ڪرڻ گهرجي. قانون چوي ٿو ته هر ادارو پنهنجو ڪم پنهنجي حدن ۾ ڪندو، توهان هن آئين کي پڙهو، ان تي ڪا ٻي راءِ ناهي ته قانون سازي ڪرڻ پارليامينٽ جو ڪم آهي، بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته ججن جا ڪيترا جج آهن؟ سپريم ڪورٽ ۾ فيصلو ڪير ڪندو؟ گذريل ٻن ٽن ڏينهن کان جيڪا قانون سازي ٿي رهي آهي، ان کي مان ڀليڪار چوان ٿو، اها قانون سازي گهڻو اڳ اچڻ گهرجي ها، جيتوڻيڪ پاڪستان جا چونڊيل نمائندا اسيمبليءَ ۾ ويٺا آهن، مان ان سڄي معاملي کي ڀليڪار ڪريان ٿو، دنيا جو هر قانون جو شاگرد چوي ٿو. ڀٽو سان زيادتي ڪئي وئي، هي قانون سازي سٺو شگون آهي. پارليامينٽ لاءِ وزير اعظم وفاقي سطح تي ۽ وڏو وزير صوبائي سطح تي فيصلو ڪندو هو، سمورا جج گڏجي سپريم ڪورٽ ٺاهيندا آهن، حڪومت وزير اعظم جي نه هوندي آهي، پر ان جا وزير صوبائي حڪومت جا هوندا آهن. اهو نٿو ٿي سگهي، اصول حڪومتن لاءِ الڳ ۽ عدالتن لاءِ الڳ آهن، مهرباني ڪري ان تي سياست نه ڪريو، پارليامينٽ اهو ادارو آهي جنهن قانون سازي ڪرڻي آهي، ائين ته نٿو تي سگهي ته مان پاڻ فيصلو ڪيان ته منهنجا اختيار ڇا هجڻ گهرجن، سپريم ڪورٽ چيو ته توهان صادق ۽ امين ناهيو. .سپريم ڪورٽ چيو آهي ته نسلا ٽاور کي ڊاهيو وڃي، جيڪڏهن اپيل جو حق ڏنو پيو وڃي ته تمام سٺي ڳالهه آهي، اميد آهي ته جڏهن هي مسودو صدر وٽ ويندو ته هو ان کي منظور ڪندو، ان سلسلي ۾ 3 فيصلا اچي چڪا آهن، هڪ فيصلو ڪالهه آيو، هڪ فيصلو ٻئي ڏينهن آيو، هن وقت تائين 9 جج مختلف رايا ڏئي چڪا آهن، سڀ مڃن ٿا ته قانون سازي ڪرڻ پارليمان جو ڪم آهي هن چيو ته تنهنجو پاڪستان منهنجو پاڪستان، هي آئين جو پاڪستان مضبوط آهي، ڪمزور کي اپيل داخل ڪرڻ جو حق آهي، اسلام آباد ۾ هڪ عمارت لاءِ عدالت چيو ته ٺيڪ آهي، ڪراچي جي عدالت چيو آهي ته نسلا ٽاور کي ڊاهيو وڃي، سپريم ڪورٽ فيصلو ڏنو ته 90 ڏينهن جي اليڪشن ڪرائين جيڪڏهن نٿا ڪرائي سگهن ته جلد کان جلد ڪرائين.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو