ڊرگهه بالا(رپورٽ محمد اسماعيل لانگاھ ) ڪاڇي جي مختلف علائقن ۾ وڻن جي واڍي وارو غيرقانوني ڪم قانون جي رکوالن جي سرپرستي هيٺ جاري آهي ان سلسلي ۾ مليل معلومات موجب ڊرگهه بالا ،حاجي خان ،ھئيروخان,پٽ گل محمد قصبو,گاج بنگلو سميت ڪاڇي جي ٻين علائقن ۾ پوليس چيڪ پوسٽون ٿاڻا ۽ چوڪيون قائم هئڻ باوجود قيمتي وڻن جو ڪاٺ روزانو ڪيترائي ٽريڪٽر پوليس ٿاڻن ۽ چيڪ پوسٽن کي ڪراس ڪري ڪارخانن تائين پهچن ٿا، جڏهن ته قيمتي وڻن جي ڪٽائي کي ڪاڇي واسين ۽ واپارين پنهنجو روزگار بڻائي ڇڏيو آھي.

وڻن جي تيزي سان ڪٽائي سبب ڪاڇي ۾ وڻ ختم ٿي رهيا آھن جڏهن ته ڪاڇي ۾ برساتن جو گھٽ پوڻ ۽ گرمي ۾ واڌ جو مُک ڪارڻ علائقي ۾ وڻن جي واڍي ٻڌايو وڃي ٿو، ان لاءِ ڪاڇي جي سڄاڻ ڌُرين پاران وس وارن اختيارين کان مطالبو ڪندي چيو ته ڪاڇي ۾ قيمتي وڻن جي واڍي جو نوٽيس وٺي ماحول دُشمن عناصرن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي.










