جسٽس قاضي فائزعيسيٰ جي نظرثاني واري درخواست منظور

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) سپريم ڪورٽ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ نظرثاني ڪيس واري درخواست منظور ڪري ڇڏي آهي جنهن بعد 19 جون 2020 تي جاري ڪيل فيصلو رد ٿي ويو آهي. 10 رڪني بينچ مان 6 ججن اڳوڻو فيصلو رد ڪييو ۽ 4 ججن ان جي مخالفت ڪئي. اڳ ۾ ڏنل فيصلي ۾ چيو ويو هو ته ايف بي آر سيرينا عيسيٰ جي ملڪيتن بابت جاچ ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. ن کان اڳ ٻڌڻي مڪمل ٿيڻ بعد جسٽس عمرعطا بنديال چيو آهي ته ڪجهه دير ۾ آگاهه ڪيو ويندو ته فيصلو ڪڏهن ٻڌائينداسين، ٻڌڻي دوران جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي گهرواري سيرينا عيسيٰ سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس عمر عطا بنديال ۽ جسٽس منيب اختر جون ڪٽنب سوڌو ملڪيتون عوام آڏو پڌريون ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، سپريم سيرينا عيسي چيو ته جسٽس عمر عطا بنديال ۽ جسٽس منيب اختر احتساب ۾ گهڻي دلچسپي رکن ٿا، ٻئي جج ڪٽنب سوڌو پنهنجون ملڪيتون عوام آڏو پڌريون ڪن، جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته ميڊيم! پليز توهان خاموش رهو..

پهنجو تبصرو موڪليو