قاسم کاهي شاخ ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن جو احتجاج

نوشھروفيروز(مشتاق حسين مري) ڀريا ڊسٽري بيوٽري مان نڪرندڙ قاسم کاهي شاخ جي مختلف  ڳوٺن جي آبادگارن حاجي  ڪمال خان راڄپر، اسد ا لله راڄپر، وريام علي،  شوڪت مري، سرور مري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شاخ جي ڪپ تي سخت احتجاجي مظاهرو ڪري ايريگيشن جي ايس ڊي او ۽ داروغي خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي.  ان موقعي تي متاثر آبادگارن صحافين سان ڳالهائيندي الزام هنيو ته شاخ ۾ بااثر زميندار نعمت الله راڄپر۽ ٻين آبپاشي ڪامورن  توڙي عملي شفيع محمد راڄپر، اعظم واسواڻو جي ملي ڀڳت سان شاخ ۾ مختلف هنڌن تي غير قانوني ونجيون ۽ نوليون هڻي پاڻي چوري ڪرايو پيو وڃي هنن چيو ته اسان جا فصل سڪي ۽ سڙي ويا آهن پاڻي اسان جي واٽرن تي چڙهي ئي نه ٿو هنن چيو ته آبپاشي وارا هٿ سان شاخ جي کاٽي نه ٿا ڪرائين جنهن شاخ جا ڪپر به هنڌا هنڌا ڀڳل ٽٽل آهن. هڪ آبادگار ٻڌايو ته 1992 کان هن شاخ جي کاٽي به مان پنهجي خرچ تي ڪرائيندو آھيان پر ان باوجود ايريگيشن جا عملدار رشوت گهري رهيا آھن نه ڏيڻ جي صورت ۾ اسان جو پاڻي بند ڪرائي ڇڏين ٿا جيڪا اسان سان زيادتي آھي. آبادگارن  اعلي اختيارين کان گهر ڪئي ته قاسم کاهي شاخ تي رينجرس مقرر ڪري علائقي ۾ پاڻي کوٽ پوري ڪري ايريگيشن جي راشي عملي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو