اسلام آباد(بيورو)اسلام آباد جي ڪوهسار مارڪيٽ ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻن ۽ جمهوري وطن پارٽي جي ڪارڪنن ۾ جهيڙو ٿي پيو. اڳوڻو ڊپٽي اسپيڪر قومي اسيمبلي قاسم سوري هوٽل ۾ ناشتو ڪري ويٺو هو ته ڪجهه ماڻهو آيا ۽ نعرا هڻڻ لڳا. ان واقعي بابت قاسم سوري جو چوڻ آهي ته هو سحري لاءِ ويٺو هو ته ڪجهه ماڻهن اچي مٿس حملو ڪيو.قاسم سوري موجب هوٽل تي موجود ماڻهن رد عمل ظاهر ڪيو ۽ سندس خلاف نعرا هنيا.قاسم سوري جو چوڻ هو ته اتي موجود ماڻهن حملي آورن کي ڪرسين سان ماريو جنهن بعد هو فرار ٿي ويا.پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته پاڪستاني عوام پنهنجو چهرو سڃاڻي ورتو آهي، جيڪڏهن اهڙا حملا ٿيا ته عوام توهان کي جيئڻ نه ڏيندو. بعد ۾ قاسم سوري ڪوهسار ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪرڻ جي درخواست پڻ ڏني.










