لاهور (ويب ڊيسڪ)پنجاب جي نگران اطلاعات واري وزير عامر مير جو چوڻ آهي ته قاسم جي والد جو نئون ڪوڙ سامهون اچي ويو آهي، عبدالرحيم جي حالت خطري کان ٻاهر آهي.لاهور ۾ عامر مير نگران صحت واري وزير ڊاڪٽر جاويد اڪرم سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته قاسم جي پيءُ جي ڀاڻيجي عبدالرحيم جي زندگي ۽ موت جي جنگ ۾ هجڻ جي دعويٰ ڪوڙي آهي.هن ٻڌايو ته عبدالرحيم کي دماغي بخار آهي، هو 18 مئي کان سروسز اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي ۽ 23 مئي کان وينٽيليٽر تي آهي.نگران وڏي وزير چيو ته عبدالرحيم جي جسم تي تشدد جو نشانو ناهي، سندس سي ٽي اسڪين رپورٽ به موجود آهي.هن وڌيڪ چيو ته قاسم جي والد ڪوڙو دعويٰ ڪئي هئي ته 9 مئي جي واقعن ۾ به 25 ڄڻا مارجي ويا هئا، هو اڃا تائين ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي.










