ڪراچي (نمائندن وٽان) قادر پور ۾ باهه ۾ سڙي زخمي ٿيندڙ نينگري ڪراچي جي اسپتال م فوت ٿي وئي جڏهن ته سکر ۾ گيس سلينڊر ليڪ ٿيڻ سبب باهه ۾ 3 مزدور سڙي زخمي ٿي پيا.گهوٽڪي مان عرفان علي سومرو موجب قادرپور جي نورشاھ محلي جي رھواسي پورھيت اختيار چنا جي 10 سالن جي ڌيءَ شاھ نور چار ڏينھن اڳ گهر ۾ گيس تي رڌ پچاء دوران باهه لڳڻ سبب زخمي ٿي پئي هئي.جڏهن ته نينگري جو جسم 80 سيڪڙو متاثر ٿيو ھو جنھن کي علاج لاءِ ڪراچي جي اسپتال منتقل ڪيو ويو هو جتي نينگري زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي وئي. ****سکر مان جيرام داس سکر شڪارپور ڦاٽڪ وٽ هڪ سيلينڊر جي دڪان تي اچانڪ باھ لڳي وئي باهه گيس ليڪ ٿيڻ ڪري لڳي پوليس موجب دڪان ۾ ڪم ڪرڻ وارا 3 مزدور سخت زخمي ٿي پيا. جن ۾ عبدالستار مهر، ضمير مهر ۽ عبدالرزاق مهر شامل آهن جن کي سول اسپتال پهچايو ويو پوليس جو چوڻ آھي ته گيس سلينڊر جا دڪان غير قانوني سليندر وڪرو ڪن ٿا.










