سيٺارجا (سجاد علي ڪٻر) ڪراچي جي سائيٽ ايريا ۾ آسڪو گارمينٽس ڪمپني ۾ درزي طور ڪم ڪندڙ سيٺارجا واسي محمد اسلم جيڪو پنهنجي گهر اچڻ بعد 11 ڏينهن اڳ سيٺارجا کان ڪراچي وڃڻ دوران پراسرار نموني گم ٿي ويو آهي ۽ وارثن پاران گهڻي ڳولا ڪرڻ باوجود سندس ڪوبه ڏس پتو نه ملي سگهيو آهي جنهن بعد وارثن پاران اهو شڪ ظاهر ڪيو ويو آهي ته کيس کي اغوا ڪيو ويو آهي ۽ وارثن پاران سيٺارجا ٿاڻي تي پڻ اهڙي اين سي داخل ڪرائي وئي آهي. ان ڏس ۾ گم ٿيل محمد اسلم جي ڀائرن منظور حسين لاشاري ۽ غلام اڪبر پريس ڪلب پهچي ٻڌايو ته اسان جو ڀاءُ ڪراچي جي گارمينٽس فيڪٽري ۾ درزڪو ڪم ڪندو آهي جيڪو سيٺارجا اچڻ بعد 27 نومبر تي ڪراچي وڃڻ لاءِ نڪتو هيو ۽ اڄ ڏينهن تائين هو ڪراچي فيڪٽري ناهي پهتو نه وري سندس سان ڪو رابطو ٿي رهيو آهي ڇوته ان ڏينهن کان سندس موبائل پڻ مسلسل بند آهي. هنن اعلى اختيارين کان گهر ڪئي ته سندن ڀاءُ جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي.
جاپاني شهرين جي گاڏي لڳ ڌماڪو 2 فوت ۽ 2 زخمي
ٽي ايل پي بابت رپورٽ صوبائي حڪومت سان شيئر نه ڪئي وئي
پشاور ۽ بلوچستان جي چيف جسٽسز جي نالن جي منظوري
دهشتگردن سان ڳالهيون نه ٿينديون، تارڙ جو پاليسي بيان
پاڪستان کي آءِ ايم ايف کان مختصر مدي وارو پروگرام وٺڻ جي صلاح
بلوچستان جي 14 رڪني ڪابينا حلف کڻي ورتو
ڪينيا جو آرمي چيف ڏهه آفيسر سميت اجل جو شڪار
سينيٽ چونڊن کان اڳ عورتن ۽ اقليتي ميمبرن کان حلف وٺڻ جو حڪم
حدبندي جو تڪرار ، پينو فقير عدالت پهچي ويا
ٽڪ ٽاڪ پاران نئين ايپ متعارف
ايران تي اسرائيلي جارحيت، صورتحال جو جائزو وٺون پيا، پرڏيهي آفيس
جمشيد دستي ۽ اقبال احمد خان تي اجلاس ۾ شرڪت تي پابندي
مبينا جاسوسي جي جوابدار جي ضمانت واري درخواست رد
دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين سڪون سان نه ويهنداسين
دنيا جي سڀ کان وڏي چونڊ، ڀارت ۾ ووٽنگ شروع
انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 278 رپيا 50 پئسا ٿي ويو
ٽرانسپورٽ جو ڀڳل ٽٽل نظام
ڌاڙيلن خلاف جديد ٽيڪنالاجي سان گڏيل آپريشن جو فيصلو
اسرائيل جو ايران تي جوابي ميزائيل حملو
اسرائيلي حملي جو مناسب جواب ڏنو ويندو، ايران