اسلام آباد(بيورو)فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس (ايف اي ٽي ايف) اڄ گري لسٽ ۾ شامل ملڪن جي حيثيت جو اعلان ڪندي، پاڪستان کي گري لسٽ مان نڪرڻ جي اميد آهي.جرمني جي شهر برلن ۾ ايف اي ٽي ايف اجلاس جو اڄ آخري ڏينهن آهي، اجلاس جي پڄاڻي تي لسٽ جي صورتحال جو اعلان ڪيو ويندو.وفاقي حڪومت جي ترجمان هڪ برطانوي نشرياتي اداري کي ٻڌايو ته هن وقت تائين جون رپورٽون ظاهر ڪن ٿيون ته معاملو پاڪستان جي حق ۾ هوندو.هن چيو ته جيڪڏهن پاڪستان کي گري لسٽ مان ڪڍيو ويو ته به مسئلا حل ٿيڻ ۾ وقت لڳندو ۽ 7 کان 8 مهينا لڳي سگهن ٿا.ترجمان چيو ته گري لسٽ مان نالو ڪڍڻ جي صورت ۾ فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس جي ٽيم پاڪستان جو دورو ڪندي پاڻ کي يقين ڏياريندي ته سندن سفارشن تي ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي. ترجمان وڌيڪ چيو ته ايف اي ٽي ايف ٽيم کي ڇڏيل ٻن سفارشن ۾ قانون ۾ ترميمون ۽ ان تي عملدرآمد بابت خدشا به شامل آهن، جن جو هو ڪيترائي ڀيرا اظهار ڪري چڪا آهن.










