اسلام آباد (بيورو) توانائي واري وفاقي وزير خرم دستگير خان چيو آهي ته بجلي جي بلن ۾ فيول ايڊجسٽمنٽ معاف نه آهي تاريخ وڌائي وئي آهي جيڪا آڪٽوبر کان مارچ وچ ۾ اڳاڙي ويندي صحافين سان ڳالهائيندي خرم دستگير چيو ته 300 يونٽن تائين بجلي صارفن جو فيول ايڊجسٽمنٽ ختم نه آهي پر تاريخ وڌائي وئي آهي درآمدي فيول بدران مقامي ذريعن سان بجلي پيدا ڪرڻ جا منصوبا لڳايا ويندا جنهن سان بجلي جي قيمت گهٽ ٿيندي هن چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته گهٽ وسيلن وارن ماڻهن کي رليف ڏنو وڃي اسان مالي حالتن کي ڏسي پاليسي جوڙي رهيا آهيون. وفاقي وزير چيو ته اسان سولر، ڪول ۽ پاڻي سان بجلي پيدا ڪرڻ وارن منصوبن کي جلد مڪمل ڪرڻ چاهيون ٿا جنهن سان بجلي جي قيمت گهٽجي ويندي خرم دستگير چيو ته ٻهراڙي وارن علائقن ۽ سرڪاري عمارتن کي سولر تي آندو ويندو 600 ميگاواٽ جو پهريون منصوبو اڄ سيڙپڪارن جي سامهون رکيو ويندو. جيڪو گهٽ قيمت ڏيندو ان کي هي منصوبو ايوارڊ ڪيو ويندو. توانائي واري وزير چيو ته درآمدي فيول تي بجلي ڪارخانا نه لڳايا ويندا.










