فيلڊ مارشل ڪرم ۾ فوجي جوانن سان عيد ملهائي

فيلڊ مارشل ڪرم ۾ فوجي جوانن سان عيد ملهائي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) فيلڊمارشل عاصم منير فوجي جوانن ۽ آفيسرن سان عيد الفطر گذارڻ لاءِ ڪرم جو دورو ڪيو.
آءِ ايس پي آر موجب، فيلڊ مارشل عيد جي نماز فوجي جوانن ۽ آفيسرن سان گڏ ادا ڪئي. نماز ادا ڪرڻ کان پوءِ پاڪستان جي پائيدار استحڪام ۽ خوشحاليءَ لاءِ دعا گهري وئي. فيلڊ مارشل فوجي جوانن ۽ آفيسرن کي عيد جي مبارڪباد پيش ڪئي.
بيان موجب، فيلڊ مارشل فوجي جوانن جي غير متزلزل لگن، بلند حوصلي ۽ مثالي پيشہ ورانہ مهارت جي ساراهه ڪئي. هن آپريشن غضب للحق دوران پاڪ فوج جي ڪاميابين جي ساراهه ڪئي.
چيف آف ڊيفنس فورسز سيد عاصم منير علاقائي امن ۽ استحڪام جي عزم جو اعادو ڪندي چيو ته افغانستان کان سرگرم دهشتگردن کي ملڪي سلامتيءَ کي نقصان پهچائڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، افغان سرزمين پاڪستان خلاف دشمن عنصرن جي سرگرمين لاءِ استعمال نه ٿيڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو