فيفا ورلڊ ڪپ: سوئٽزرلينڊ ۽ قطر جي وچ ۾ ميچ 1-1 گول تان برابر

فيفا ورلڊ ڪپ: سوئٽزرلينڊ ۽ قطر جي وچ ۾ ميچ 1-1 گول تان برابر

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) فٽبال ورلڊ ڪپ جي ٽئين ڏينهن جي پهرين ميچ ۾ سوئٽزرلينڊ ۽ قطر جي وچ ۾ ميچ هڪ هڪ گول تان برابر ٿي وئي. ميچ ڊرا ٿيڻ جي نتيجي ۾ قطر جي ٽيم پهريون ڀيرو هن ميگا ايونٽ ۾ پوائنٽ حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي.سان فرانسسڪو ۾ کيڏيل ٽئين ڏينهن جي پهرين ميچ ۾ سوئٽزرلينڊ ۽ قطر جون ٽيمون آمهون سامهون ٿيون، ميچ جي سڄي وقت دوران سوئٽزرلينڊ جي ٽيم جو پڙو واضح طور تي ڳرو رهيو، جنهن مخالف ٽيم تي ڪيترائي خطرناڪ حملا ڪيا. پهرين هاف جي 17هين منٽ ۾ هڪ فائول جي نتيجي ۾ سوئٽزرلينڊ کي پينالٽي ڪڪ ملي، جنهن تي بريل ايمبولو گول ڪري پنهنجي ٽيم کي برتري ڏياري ڇڏي. وقفي تائين اهو ئي اسڪور رهيو، ٻئي هاف ۾ به ٻنهي ٽيمون گول ڪرڻ جون ڪوششون ڪنديون رهيون. ميچ جي آخري لمحن ۾ بالآخر قطر جي رانديگرن جون ڪوششون ڪامياب ٿيون، هڪ موو تي سندن طرفان بوالم کوخي هيڊر جي ذريعي بال کي مخالف ٽيم جي جاريءَ ۾ پهچائي مقابلو هڪ هڪ گول تان برابر ڪري ڇڏيو ۽ ميچ ان ئي اسڪور تي ختم ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو