فيض حميد خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن جو ريفرنس واپس

فيض حميد خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن جو ريفرنس واپس

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)قومي احتساب بيورو (نيب) اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن جو ريفرنس واپس ڪري ڇڏيو. رپورٽ موجب بيورو نيب کي موڪليل ريفرنس تي ڪابه ڪارروائي نه ڪئي ۽ شڪايت واپس ڪري ڇڏي.رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڪجهه هفتا اڳ نيب جي راولپنڊي آفيس کي فيض حميد جي انڪم ٽيڪس رڪارڊ تي مشتمل هڪ فائل ملي هئي ۽ هڪ ٻن صفحن تي ٻڌل شڪايتي خط چکوال مان ڪجهه نامعلوم ماڻهن جي دستخط سان هو، شڪايت ۾ مطالبو ڪيو ويو هو ته فيض حميد خلاف انڪوائري ڪئي وڃي. ذريعن موجب ڊي جي نيب فائل جو جائزو وٺڻ ۽ اختيارين سان صلاح مشوري کانپوءِ شڪايت واپس ڪندي چيو ته لاڳاپيل اختيارين ذريعي بيورو کي باضابطه درخواست ڪئي وڃي.رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته نئون چيئرمين نيب ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ نذير احمد بٽ جي مقرري کانپوءِ امڪان آهي ته معاملو ٻيهر نيب ڏانهن موڪليو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو