اسلام آباد(بيورو رپورٽ) حڪمران جماعت پي ٽي آءِ جي اڳواڻ فيصل واوڊا پنهنجي تاحيات نا اهلي ۽ سينٽ جي ميمبرشپ ختم ڪرڻ واري اليڪشن ڪميشن جي فيصلي خلاف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪري ڇڏيو آهي. 2018 جي عام چونڊن دوران آمريڪا جي ٻٽي شهريت بابت غلط بياني ڪرڻ تي سندس مخالفن کيس نا اهل قرار ڏيڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن م ڪيس داخل ڪيو هو. جنهن جي ٻڌڻي مسلسل هو روڪرائيندو رهيو هو. ڪيس بعد هن مارچ 2021 ۾ ڪراچي مان ايم اين اي جي سيٽ تان استعيفيٰ ڏئي سينيٽ جي چونڊ وڙهي هئي. اليڪشن ڪميشن کيس تاهيات نا اهل قرار ڏيڻ سان گڏوگڏ بطور سينيٽر ڪاميابي وارو نوٽيفڪيشن واپس وڍندي کيس بطور سينيٽر ورتل معاوضو ۽ الائونس ٻن مهينن ۾ واپس ڪرڻ جو حڪم 9 فيبروري تي جاري ڪيو هو. جنهن خلاف هن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ڪيو آهي.










