فيصل واوڊا خلاف درخواستون 20 آگسٽ تي ٻڌڻي لاءِ مقرر

فيصل واوڊا خلاف درخواستون 20 آگسٽ تي ٻڌڻي لاءِ مقرر

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وفاقي وزير فيصل واوڊا خلاف توهين عدالت ۽ نااهليءَ لاءِ داخل درخواستون 20 آگسٽ تي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيون. جسٽس عامر فاروقي ٻنهي درخواستون تي ٻڌڻي ڪندو، عدالت وفاقي وزير فيصل واوڊا ۽ اليڪشن ڪميشن کان به جواب طلب ڪري ورتو آهي. درخواست گذار طرفان فيصل واوڊا کي ٻٽي شهريت جي بُنياد تي نااهل قرار ڏيڻ ۽ عدالتي حڪم باوجود جواب جمع نه ڪرائڻ تي توهين عدالت جي ڪارروائي هلائڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي. درخوادست گذار جو موقف آهي ته فيصل واوڊا عام چونڊن ۾ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ وقت ٻٽي شهريت لڪائي هئي کيس هميشه لاءِ نا اهل قرار ڏنو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو