اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي وزير فيصل واوڊا هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي نااهلي خلاف درخواست تي جواب جمع نه ڪرايو، اليڪشن ڪميشن کيس جواب جمع ڪرائڻ جو آخري موقعو ڏيندي درخواست تي ٻڌڻي 24 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي. ٻڌڻي دوران درخواستگذار چيو ته فيصل واوڊا رٽرننگ آفيسر کي پنهنجو امريڪي پاسپورٽ نه ڏيکاريو هو، اڄ به ٻڌڻي دوران فيصل واوڊا طرفان ڪير پيش ناهي ٿيو، اليڪشن ڪميشن جو چوڻ هو ته الزام هيٺ آيل جوابدار جو ٻڌڻي ۾ هجڻ لازمي آهي.










