فيصلي کانپوءِ پي ٽي آئي غير ملڪي فنڊيڊ پارٽي ثابت ٿي وئي: راڻا ثناءُ الله

فيصلي کانپوءِ پي ٽي آئي غير ملڪي فنڊيڊ پارٽي ثابت ٿي وئي: راڻا ثناءُ الله

اسلام آباد(بيورو)گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن جي فيصلي سان پي ٽي آئي غير ملڪي فنڊيڊ پارٽي ثابت ٿي وئي آهي.هن چيو ته قانون موجب وفاقي حڪومت لاءِ لازمي آهي ته 15 ڏينهن اندر اهڙي پارٽي خلاف اعلان جاري ڪري، جيڪڏهن سپريم ڪورٽ اعلان برقرار رکيو ته پارٽي ٽوڙي ويندي.راڻا ثناءُ الله چيو ته اليڪشن ڪميشن تاريخي فيصلو ڏنو آهي، چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ سندس ساٿين کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو، عمران خان بنا جواز چيف اليڪشن ڪمشنر خلاف نازڪ ٻولي استعمال ڪئي، چيف اليڪشن ڪمشنر عقلمندي ۽ صبر جو مظاهرو ڪيو.گهرو وزير چيو ته فتنا خان ان فيصلي جي روشني ۾ مستند ڪوڙو آهي، عمران خان ملڪ ۾ امن نٿو چاهي.ان کان علاوه وزيراعظم نذير تارڙ جو چوڻ آهي ته آئيني اداري عمران خان کي چور ۽ جعلسازي قرار ڏنو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو