فيس بڪ ۽ انسٽاگرام استعمال ڪندڙ هاڻ اڪائونٽ جي فيس ادا ڪندا

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)ٽوئيٽر کان پوءِ فيس بڪ ۽ انسٽاگرام استعمال ڪندڙ به تصديق ٿيل (يعني بليو ٽڪ) اڪائونٽ لاءِ فيس ادا ڪندا.ميٽا جي سي اي او مارڪ زڪربرگ آچر تي اعلان ڪيو ته فيس بڪ ۽ انسٽاگرام استعمال ڪندڙن کي بليو ٽِڪ جي فيس ادا ڪرڻي پوندي.سبسڪرپشن سروس ويب تي ٻڌل فيس بڪ ۽ انسٽاگرام اڪائونٽ جي تصديق ڪندڙن لاءِ هر مهيني $11.99 کان شروع ٿيندي، جڏهن ته آئي فون استعمال ڪندڙ $14.99 فيس ادا ڪندا.ميٽا جي مطابق، سروس شروعاتي طور تي هن هفتي نيوزي لينڊ ۽ آسٽريليا ۾ شروع ڪئي ويندي، اڳ کان تصديق ٿيل اڪائونٽن ۾ ڪا به تبديلي ناهي.رپورٽون پيش ڪن ٿيون ته 18 سالن کان مٿي عمر وارا صارف فيس بڪ ۽ انسٽاگرام اڪائونٽس جي تصديق ٿيل رڪنيت جا اهل آهن. مارڪ زڪربرگ جو چوڻ آهي ته اهو قدم سوشل ميڊيا ايپس تي سيڪيورٽي ۽ تصديق ٿيل اڪائونٽس کي بهتر بڻائيندو.ياد رهي ته ايلون مسڪ گذريل سال ٽوئٽر جو ڪنٽرول سنڀالڻ بعد اهم تبديليون ڪندي ٽوئٽر جي تصديق ٿيل صارفين لاءِ بليو سبسڪرپشن سروس شروع ڪئي هئي. ٽوئيٽر هن سروس لاءِ هر مهيني 8 کان 11 ڊالر چارج ڪري رهيو آهي، ۽ جيڪي صارف ان جو حصو آهن انهن کي بليو ٽڪ سان گڏ ڪجهه تجرباتي فيچرز تائين رسائي ڏني ويندي.ميٽا جي سروس ٽوئيٽر جي ڀيٽ ۾ ڪامياب ٿيڻ جو وڌيڪ امڪان آهي ڇاڪاڻ ته انسٽاگرام في الحال صارفين لاءِ پروفائلز جي تصديق ڪرڻ تمام ڏکيو بڻائي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو