فيس بڪ لاءِ ٽِڪ ٽاڪ خطري جي گهنٽي وڄائي ڇڏي

بيجنگ(ويب ڊيسڪ)  ٽِڪ ٽاڪ بابت نوجوانن کي ته خبر آھي پر 30 سالن کان مٿي ڄمار وارن مان ڪجهه ماڻهن کي شايد گھڻي خبر نه ھجي مختصر مزاحيه وڊيوز جي حوالي سان دنيا ڀر  ۾ مشهور ٽڪ ٽاڪ ڪمپني چين جي آھي جيڪا ھينئر ايتري مقبول ٿي وئي آھي جو انکي فيسڪ بڪ جو مالڪ پنھنجي ڪمپني لاءِ خطرو محسوس ڪري رھيو آھي.ھن ھفتي اسانکي ٽِڪ ٽاڪ جي حوالي سان ٻه نيون خبرون مليون پھرين اھا ته ھي ڪمپني حيران ڪندڙ حد تائين ڪمائي رھي آھي ٻيو اھو ته فيس بڪ جو مالڪ مارڪ زوڪر برگ ٽڪ ٽاڪ کي پنھنجو حريف سمجھي رھيو آھي.برطانوي خابرو اداري رائٽر جي انگ اکرن مطابق ٽڪ ٽاڪ  جي مالڪ ڪمپني (بائٽ ڊانس) آھي جنھن ھلندڙ سال جي پھرين 6 مھينن ۾ هڪ اندازي مطابق 7 کان 8 ارب ڊالر ڪمايو آھي ۽ ڪمپني اميد ظاھر ڪئي آهي ته سال جي ٻئي حصي ۾ به کين قابل ذڪر منافعو ٿيندو.

ھڪ اھڙي وقت ۾ جڏھن وي ورڪ ،اوبر ۽ لفٽ جھڙيون ڪمپنيون منافعو ڪمائڻ جي حوالي سان غير يقيني جو شڪار آھن ۽ چون پيون ته منافعو ڪمائڻ پري جي ڳالھ آھي،ته اھڙي صورتحال ۾ ٽِڪ ٽاڪ جي ڪارڪردگي ايتري متاثر ڪندڙ آھي جنھن کي ٽيڪنالاجي واري دنيا ۾ پير پاتي اڃا ڪجھ سال مس ٿيا آھن. مارڪ زوڪر برگ به ان خيال سان متفق نظر اچي ٿو . فيس بڪ جي ھڪ اجلاس جي منظر تي آيل وڊيو ۾ پنھنجي ملازمن کي هو چوي ٿو ته ڏسو ٽِڪ ٽاڪ ڪيتري تيزي سان ترقي ڪري رھي آھي ،ھن جو اھو به چوڻ آھي ته چين جي وڏي ٽيڪنالاجي ڪمپني جي ھي پھرين ڪنزيومر انٽرنيٽ پراڊڪٽ آھي جيڪا سموري دنيا ۾ ڪارڪردگي ڏيکارڻ سان گڏ امريڪا ۾ پڻ تيزي سان وڌي رھي آھي.ھن وڌيڪ چيو ته ڀارت ۾ ته ٽِڪ ٽاڪ انسٽاگرام کي پوئتي ڇڏي وئي آھي.فيس بڪ مالڪ جي ليڪ ٿيل وڊيو ۾ ھو پنھنجي ملازمن کي اھُو به چئي رھيو آھي ته اسان به ٽڪ ٽاڪ جي طرز جي ايپليڪيشن ميڪسيڪو مان جاري ڪنداسين ڇو ته اتي اڃان ٽڪ ٽاڪ گھڻي مشھور نه ٿي سگھي آھي.

ٽڪ ٽاڪ نوجوانن ۾ ڪيتري مقبول آھي؟

موبائل اپليڪيشنس ڊائون لوڊز ڪرڻ جو حساب رکندڙ تحقيقاتي ڪمپني(ايپ ايني ) جي تحقيق به ٽڪ ٽاڪ جي تيزي سان وڌندڙ مقبوليت جي تصديق ڪري ٿي.تحقيقاتي ڪمپني جي يورپ واري ڊائريڪيٽر پال بارنس جو چوڻ آھي ته اينڊروائڊ استعمال ڪندڙ صارفين فقط آگسٽ واري مھيني ۾ ھڪ ارب  ڪلاڪ کان مٿي ٽڪ ٽاڪ تي وقت  گذاريو.

پهنجو تبصرو موڪليو