ماسڪو(ويب ڊيسڪ)روس دنيا جي سڀ کان وڏي سوشل ميڊيا سائيٽ فيس بڪ ۽ ان جي ماتحت ادارن انسٽاگرام ۽ واٽس اپ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي. رائٽرز موجب روس جي ريگيوليٽر تصديق ڪئي آهي ته فيس بڪ طرفان بار بار خلاف ورزين سبب ميٽا جون خدمتون 4 مارچ جي شام کان بند ڪيون ويون آهن. ريگيوليٽر طرفان هدايتون جاري ٿيڻ کان فوري پوءِ لکين روسي فيس بڪ تائين رسائي کان محروم ٿي ويا، جڏهن ته ڪمپني جي ماتحت ايپس جهڙوڪ انسٽاگرام ۽ واٽس اپ جي صارفين کي به مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو. روسي اختيارين موجب فيس بڪ آڪٽوبر 2020 کان هن وقت تائين 26 خلاف ورزيون ڪيون آهن، تنهن ڪري روس ۾ سندن سروس بند ڪري ڇڏي آهي.










