فيبروري لاءِ ايل اين جي سستي

فيبروري لاءِ ايل اين جي سستي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) فيبروري لاءِ ايل اين جي سستي ڪري ڇڏي.اوگرا موجب جنوري جي ڀيٽ ۾ ايل اين جي جي اگهه ۾ 0.61 ڊالر في ايم ايم بي ٽي يو تائين لاٿ ڪئي وئي آهي.اوگرا جي نوٽيفڪيشن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سوئي ناردرن سسٽم تي ايل اين جي جي قيمت ۾ 0.61 ڊالر في ايم ايم بي ٽي يو ۽ سوئي سدرن سسٽم تي ايل اين جي جي قيمت ۾ 0.56 ڊالر في ايم ايم بي ٽي يو تائين لاٿ ڪئي وئي آهي.نوٽيفڪيشن موجب سوئي ناردرن سسٽم تي فيبروري لاءِ ايل اين جي جي قيمت 13.70 ڊالر في ايم ايم بي ٽي يو مقرر ڪئي وئي آهي، جڏهن ته سوئي سدرن سسٽم تي ايل اين جي جي قيمت 13.95 ڊالر في ايم ايم بي ٽي يو هوندي.

پهنجو تبصرو موڪليو