نوشهروفيروز (ڊ ر)فوڊ ايمپلائيز فيڊريشن پاران مطالبا تسليم نه خلاف ضلعي اندر فوڊ گودامن جي تالابندي، ڊي ايف سي آفيس اڳيان احتجاج، مطالبا تسليم نه ٿيڻ تي 15جون کان سڄي سنڌ ۾ احتجاج جو اعلان.فوڊ ايپملائيز فيڊريشن سنڌ پاران خوراڪ کاتي جي ننڍن ملازمن جا مسئلا حل نه ٿيڻ خلاف ضلعي نوشهروفيروز ۾ فوڊ گودامن جي تالابندي ڪري ڊسٽرڪٽ فوڊ ڪنٽرولر آفيس اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ان موقعي تي فوڊ ايمپلائيز فيڊريشن سنڌ جي صدر جاويد يونس راڄپر، جنرل سيڪريٽري محبوب قريشي،محمد گوپانگ، گل محمد، سيد شڪيل احمد شاھ، نويد عمراڻي ۽ ٻين چيو ته فوڊ کاتي جي انڌير نگري چوپٽ راجا جو قانون هلي رهيو آهي هڪ پاسي ڪرپشن ۾ ملوث آفيسرن جا پروموشن ڪيا ويا آهن ۽ پر افسوس جو کاتي اندر 24 کلاک دیوٹی دیندژ چوڪيدارن ، پٽيوالن ، ڊرائيورن سميت ننڍن ملازمن کي پروموشن نه پيا ڏنا وڃن ۽ نه وري وزيراعلي سنڌ جي ليٽر جي باوجود به سيڪريٽري فوڊ ۽ سيڪريٽري فنانس ٽائيم اسڪيل ڏيڻ لاء تيار آهن جيڪا ننڍن ملازمن سان ناانصافي جي انتها آهي جڏهن ته آفيسرن خوراڪ کاتي کي پنهنجي جاگير بڻائي ڇڏيو آهي جيڪي فوتي ڪوٽا تي به عمل ڪرڻ لاء تيار نه آهن ۽ نه وري وردی الائونس۽ گروپ انشورنس بلن تي رشوت جي بغير صحيح ڪرڻ لاء تيار آهن جنهن سبب ڪيترن ئي فوتي ملازمن جا خاندان فاقاڪشي واري زندگي گذاري رهيا آهن هنن چيو ته نواز دور جي برطرف آفيسرن کي بحال ڪيو ويو آهي پر ننڍن ملازمن کي بحال نه ڪيو ڪيو ويو آهي آفيسرن پنهنجي پٽن ، رشتيدارن ۽ دوستن کي جعلي طريقي سان نوڪريون ڏئي ڇڏيون آهن هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور ملازمن جا مسئلا حل ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ 15جون کان سڄي سنڌ ۾ احتجاج ڪيو ويندو.










