لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان فول پروف سيڪيورٽي لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي. عمران خان سڪيورٽي لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ هڪ الڳ درخواست داخل ڪئي آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته کيس سڪيورٽي نه ملي رهي آهي جيڪا اڳوڻي وزيراعظم جي حيثيت سان سندس حق آهي.درخواست ۾ عمران خان طرفان چيو ويو آهي ته منهنجي جان کي خطرو آهي پر سيڪيورٽي نه ڏني پئي وڃي، سڪيورٽي نه ڏيڻ آئين ۽ بنيادي حقن جي خلاف آهي.عمران خان لاهور هاءِ ڪورٽ کي درخواست ڪئي آهي ته کيس فول پروف سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي.










